Share this link via
Personality Websites!
اهو ڪل ملائي 35 هزار سالن جو فاصلو ٿيو، 35 هزار سال جي اها راھ، 50 هزار سال جو رستو زمين کان سِدۡرَةُ المنتهيٰ تائين، 35 ۽ 50=85 هزار سال جو فاصلو ٿيو، پوءِ سِدۡرَةُ المنتهيٰ کان عرش جي حجابات تائين ڪيترو فاصلو ٿيو اهو ڪير نٿو ڄاڻي، ۽ حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرش کان اڳتي ڪيستائين تشريف وٺي ويا، ان کان به ڪو واقف ناهي، مطلب ته مِعراج واري مصطفيٰ، سرورِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايترا هزار سال پري ويا به، واپس به تشريف کڻي آيا ۽ وقت اڃا ڪيترو گذريو هو؟ ڪجھ سيڪنڊ، بستر مُبَارَڪ به اڃا گرم هو، دروازي جي ڪنڊي به اڃا چُري رهي هئي۔
تفصیل سے کی سیر مگر اِس پہ یہ طُرّہ
اِک پل میں یہ طے ہو گیا رستہ شبِ مِعْرَاج
زنجیر درِ پاک کی ہِلتی ہوئی پائی
اور گرم تھا وہ بستر شبِ مِعْرَاج([1])
هڪ شاعِر هتي نهايت خوب صُورت ڳالھ چئي آهي، لکن ٿا:
رُک گئی ہے آج نبضِ جہاں
اُن کی ہستی نکل گئی ہو گی
شعر جو مفهوم: اَصل ڳالھ اها آهي ته اسان جي آقا وموليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪائنات جا رُوح آهن، رُوح نڪري وڃي ته جسم رُڪجي ويندو آهي، اهڙي طرح جڏهن رُوحِ ڪائنات، فَخرِ مَوجُودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڪائنات مان نڪري لامڪان ڏانهن تشريف کڻي ويا ته ڪائنات رُڪجي وئي، هر شيء تي سڪتو طاري ٿي ويو، پوءِ جڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ واپس تشريف وٺي آيا ته ڪائنات ٻيهر زِنده ٿي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami