Book Name:Mola Ali Shair e Khuda
حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن جي امڙ سڳوري جو نالو حضرتِ سيِّدَتُنا فاطِمہ بِنتِ اَسَد رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا آهي. پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم 10 سالن جي عمر ۾ ئي اسلام قبول ڪري ورتو، ۽ شہنشاہِ نُبوَّت، تاجدارِ رِسالَت، شافِعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تربيت هيٺ رهيا ۽ حياتي جي آخري پساھ تائين پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مدد، فتح ۽ دينِ اسلام جي حمايت لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا. پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم اولين مهاجرين ۽ عشرهءِ مُبَشَّره ۾ هجڻ ۽ ٻين خاص درجات سان مشرف هجڻ جي ڪري تمام گھڻي ممتاز حيثيت رکن ٿا. غَزوہء بَدر، غَزوهء اُحُد، غَزوہء خَندق وغيره تمام اسلامي جنگين ۾ وڏي بهادري سان شرڪت ڪئي ۽ ڪافرن جا وڏا وڏا مشهور بهادر پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي تلوار ذُوالفقار جي زبردست وار سان جهنم ڏانهن روانا ٿيا.
(ڪراماتِ شيرخدا ص:۱۲)
دُشمن کا زَور بڑھ چلا ہے یاعلی مدد!
اب ذُوالفِقارِ حَیدَری پھر بے نِیام ہو
(وسائلِ بخشش: ص۳۱۰)
اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جي شهادت کان پوءِ مهاجرن ۽ انصارن سندن هٿ تي بيعت ڪري پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي اميرُ المؤمنين چونڊيو ۽ 4 سال 8 مهينا ۽ 9 ڏينهن تائين خلافت جي مسند تي رونق افروز رهيا. 17 يا 19 رمضان المبارڪ تي هڪ خبيث خارجي جي قاتلانه حملي جي سبب سخت زخمي ٿي پيا ۽ 21 رمضان شريف آچر جي رات شهادت جو جام نوش فرمايائون.