Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

مان حَضرتِ عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ڪرامت به معلوم ٿي ته جڏهن توهان ان شخص جي لاءِ بارگاھِ الٰهي ۾ دُعا ڪئي ته توهان جي دُعاءِ مُستَطاب (مُس۔تَ۔طاب) بارگاھِ الٰهي ۾ فورا مُستَجَاب (مقبول) ٿي ۽ اُهو فالج وارو شخص جيڪو زمين تي گھلجي گھلجي ڪري هلي رهيو هو، دعاءِ علي جي برڪت سان انهي وقت صحتياب ٿي ڪري هلڻ ڦرڻ لڳو.

بے سبب بخشش ہو میری یہ دُعا فرمایئے

مُصطَفٰے کا واسِطہ مولیٰ علی مُشکل کُشا

 (وسائلِ بخشش: ۵۲۴)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرالمؤمنين، مَوۡلَي المُسۡلِمِين، سيّدُنا عليُ المرتضٰي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي فضائل ۽ ڪمالات جي ڇا ئي ڳالھ آهي، سندن جو ته شان ئي نرالو آهي، پاڻ صاحبِ سيادت، مُحبِ آخرت، محبُوبِ رَبُّ العزّت، بابِ مدينة العِلم ۽ شَہسوارِ ميدانِ خطابَت هئا، پاڻ قرآن ۽ سُنت مان ثابت ٿيڻ وارن مسائل کي ڪڍڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندا هئا، اطاعت گذارن جي لاءِ ڏيئو ۽ پرهيزگارن جا دوست هئا، عدل ڪرڻ وارن جا امام ۽ سڀ کان وڌيڪ حِلم ۽ علم وارا هئا، شيخِ طريقت، اميرِ اہلسُنَّت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامہ مولانا ابُو بِلال محمد الياس عطارقادِري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي رسالي ڪراماتِ شيرِخُدا ۾ پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جو تعارف ڪجھ هن طرح بيان فرمائن ٿا ته