Book Name:Mola Ali Shair e Khuda
اُنهيءَ جي پُٺ تان ڪِري ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هاڻي آئون اڪيلو ئي ڪعبي جي حرم ۾ حاضر ٿي ڏينهن رات روئي روئي خدا تعاليٰ کان پنهنجي تندرستي جي لاءِ دعائون گھرندو رهان ٿو. اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي ان جو داستانِ عبرت نشان ٻُڌي مٿس ڏاڍو رحم آيو ۽ فرمايائون: ”اي شخص! جيڪڏهن واقعي اوهان جا والد صاحب اوهان کان راضي ٿي ويا هئا ته اطمينان رکو اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ سڀ بهتر ٿي ويندو، پوءِ پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن ڪجھ رَڪعت نماز پڙهي اُن جي صحت جي دُعا ڪيائون، پوءِ فرمايائون: ”قُمۡ! يعني اُٿي بيھ!“ اِهو ٻُڌندي ئي هو بنا ڪنهن ٽيڪ جي اُٿي بيهي رهيو ۽ هلڻ ڦِرڻ لڳو.
(مُلَخَّص ازحجةُ اللّٰه علَي العالمين ص۶۱۴،ڪراماتِ شير خدا،ص:۷)
کیوں نہ مُشکِل کُشا کہوں تم کو
تم نے بِگڑی مِری بنائی ہے
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت ۾ اسان جي لاءِ عبرت جا بي شمار مدني گُل موجود آهن ته ان شخص کي والدين جي نافرماني ۽ گناهن تي ڄمي وڃڻ جي ڪهڙي سزا ملي، ان جي هڪ پاسي تي فالج جو حملو ٿي ويو ۽ اهو زمين تي ريڙهجي هلڻ لڳو گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته والدين جي نافرماني نه ڪرڻ گھرجي بلڪه اهي شريعت جي دائري ۾ رهندي جيڪو به حڪم ڏين فورا پُورو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي بد دُعا کان به بچندو رهڻ گھرجي ۽ هر ان ڪم کان اجتناب ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ والدين جي ناراضگي هجي. مزيد ان حڪايت