Mola Ali Shair e Khuda

Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

بيان، ذڪر، نعت ۽ رقت انگيز دعا مون کي متاثر ڪري ڇڏيو. ان کان بعد منهنجي زندگي يڪدم بدلجي وئي. چرس، شراب نوشي ۽ ناچ گانن کان توبھ ڪري ورتي، اَلْحَمْدُلِلّٰہعَزَّوَجَلَّ مدني ماحول جي برڪت سان پنج نمازون مسجد ۾ ادا ڪرڻ وارو بڻجي ويس.  مون جهڙي گناهن ۾ غرق شخص مدني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان دين جا اهم مسائل به سکي ورتا ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سُنت (ڏاڙهي) به سجائي ورتي. مدني ماحول جي برڪت سان منهنجي بُرن عقيدن جي اصلاح ٿي وئي. اَلْحَمْدُلِلّٰہعَزَّوَجَلَّ چوڪ درس ۽ مدني قافلن جي برڪت سان مون جهڙو ناچ رنگ جي شوقين، چَرس ۽ شراب جو عادي سنتن جو پيڪر بڻجي ويو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ سنّت جي فضيلت ۽ ڪجهه سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدار رسالت شهنشاهه نبوت مصطفٰي جان رحمت شمع بزم هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: ”جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي. ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو“.

(مشڪاة المصابيح، ج 1، ص 55، حديث 175 ادارا الکتب العلميه بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد