Mola Ali Shair e Khuda

Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل فرامين اهڙا جامع ۽ حڪمت آموز آهن جو جيڪڏهن ڪو شخص ان تي عمل ڪري ته اهو دَارَين (دنيا ۽ آخرت) جي سعادتن سان مالامال ٿي وڃي، ان کي دين ۽ دنيا جي ڪنهن معاملي ۾ شرمندگي کي منهن نه ڏيڻو پوي، انهن ڪلمات ۾ حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن اسان کي زندگي گذارڻ جو بهترين طريقو ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن ان طرح زندگي گذاريندؤ ته تمام جلد ترقي ۽ ڪاميابي جي دولت ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا نصيب ٿيندي. جيڪڏهن توهان اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي احوال سان گڏوگڏ انهن جا نصيحت آموز اقوال ۽ علم و حڪمت سان ڀرپور مدني گُل حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينہ جي مطبوعه 324 صفحن تي مشتمل ڪتاب بنام ”152 رحمت بھری حکایات جو مطالعو فرمايو. اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ ھن ڪتاب ۾ 92 بُزُرگن جا مختصر حالات، مغفرت جا واقعات ۽ بي شمار فرامين موجود آهن توهان کي به مدني التجا آهي ته خود به ان ڪتاب جو مطالعو فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو، هي ڪتاب دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو، پڙهي (Read) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو.

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ، الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جو فيضان توهان تي به