Mola Ali Shair e Khuda

Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

4۔   جڏهن تون الله عَزَّوَجَلَّ کان پنهنجي ڪا حاجت برآري (پوري) ڪرڻ چاهين ته دعا کان پهرين ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان دُرود پاڪ پڙھ، بي شڪ الله عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي وڏي مهرباني ۽ ڪرم فرمائيندو آهي جيڪو ان کان حاجت طلب ڪري . پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص الله عَزَّوَجَلَّ کان ٻه شيون گھرندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کي اها شيء عطا فرمائيندو آهي جيڪا ان جي حق ۾ بهتر هوندي آهي ۽ جيڪا نقصان واري هجي ان کي پنهنجي ٻانهي کان روڪي ڇڏيندو آهي.

5۔   جيڪو شخص هي چاهي ته هر وقت الله عَزَّوَجَلَّ جي ذڪر ۾ مشغول رهي ته ان کي گهرجي ته صبر کي پنهنجو شعار بڻائي ڇڏي ۽ هر مصيبت تي صبر ڪري.

6۔   ۽ جيڪو شخص دنيوي زندگي (۾ طوالت) جو خواهش مند هجي ان کي گهرجي ته مصيبتن جي لاءِ تيار ٿي وڃي.

7۔   جيڪو شخص هي چاهي ته ان جو وقار ۽ عزت برقرار رهي ته ان کي گهرجي ته رياڪاري کان بچي.

8۔   جنهن سان تنهنجو تعلق نه هجي خوامخواه ان جي باري ۾ سوال نه ڪر.

9۔   بيماري کان پهرين صحت کي غنيمت ڄاڻ ۽ فرصت جي لمحن مان ڀرپور فائدو وٺ، نه ته غم ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پونديءِ.

10۔   استقامت اڌ ڪاميابي آهي، جيئن غم اڌ پوڙهائپ.

11۔   جيڪا شيءِ تنهنجي دل ۾ کٽڪي ان کي ڇڏي ڏي ڇو جو ان کي ڇڏي ڏيڻ ۾ ئي تنهنجي سلامتي آهي. (عيون الحڪايات ،ص:۱۷۳)