Book Name:Siddique akbar ki zihanat
ٻين جي ڳالھ کي، ٻين جي مشوري کي اهو خاطر ۾ ئي نه آڻيندو۔
پيارا اسلامي ڀائرو! عبرت حاصِل ڪريو! خود پسندي کان بچو، اِنْ شَآءَ الله! عاجزي ايندي، مشورو ڪرڻ جو ذِهن بڻجندو، پنهنجي راءِ کي سٺو سمجھڻ جي بدران، وڌيڪ غور وفڪر جي ضرورت محسوس ٿيندي ۽ نتيجي طور اوهان جو تجربو وڌي ويندو، عقل و ذهانت ۾ اِضافو ٿيندو ۽ اوهان جي ذات ۾ عقلمندي پيدا ٿيندي۔
(3): عقل وڌائڻ جو ٽيون طريقو: غور و فڪر جي عادت وجھو! ڪو به ڪم بنا سوچي سمجھي ڪرڻ بدران، خوب غور و ويچار سان گڏ، هر پهلو کان سوچي ڪري، سمجھي ڪري، سمجھ نه اچي ته ٻين کان مشورو ڪري ڪم ڪرڻ جي عادت بڻايو۔ حضرت ابراهيم بن اَدَھم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي سوچ ويچار ڪندا هئا، اڪثر غور وفڪر ئي ۾ مصروف رهندا هئا، ڪنهن پڇا ڪئي: سائين! اوهان ايترو غور وفڪر ڇو ڪيو ٿا؟ فرمايائون: اَلْفِکرُ مُخُّ الْعَقْلِ غور وفڪر ڪرڻ عقل جو مغز آهي۔ حضرت طاؤس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلام جي ساٿين حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلام کان پڇا ڪئي: اي رُوحُ الله! ڇا دُنيا ۾ ڪو آهي جيڪو سيرت ۾ اوهان جيان هجي؟ فرمايائون: ها! جنهن ۾ ٽي وَصف هجن، اهو سيرت ۾ مون جھڙو آهي۔ (اِحْیَاءُ العُلوم، کتابُ التفکر، جلد:4، صفحہ:514):(1): مَنْ کانَ مَنْطَقُه ذِکراً ان جو ڳالهائڻ ذِڪر هجي۔ (2): وَصَمَتُه فِکراً خاموش هجي ته غور وفڪر ڪري۔ (3): وَنَظَرُه عِبْرَۃ ان جي نظر ۾ عِبرت هجي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ٽئي وَصف عقل وڌائڻ وارا آهن۔ پهريون وَصف: ان جو ڳالهائڻ ذِڪر هجي، يعني اَوَّل ته اهو خاموش رهندو هجي جو خاموشي خود حڪمت آهي، الله جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: خاموشي حڪمت آهي پر خاموش رهڻ وارا تمام گھٽ آهن۔ (کَنْزُ العمال، کِتَابُ الاَخْلاق،