Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
دعا پڙهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (شُعَبُ الْاِيمان ج۵ ص۱۸۱ حديث۶۲۸۵) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) * خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو۔ (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس لِلشَّيخ عبدالْحَقّ الدّھلَوي ص۳۶)* لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص۱ ۴) * پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (اَيضاً۴۳) * اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جي برخلاف ڪيو يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحو 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ مان وڌ آڱرين جي منڍن تائين ۽ ويڪر هڪ بالشت(گرانٺ) هجي (رَدُّالْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹) * سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي. (مراٰة ، ج۶ص۹۴) مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائيـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو * دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دُن کان هيٺ گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪڻ فرض آهي. دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن.
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 (312 صفحات) ۽