Jannat Ki Sab Say Bari Namat

Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهڙي دور ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ڪنهن عظيم نعمت کان گھٽ نه آهي۔

دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اسان کي هڪ عظيم مدني مقصد سيکاريو ويندو آهي، اهو مدني مقصد ڇا آهي؟ اچو! گڏجي دُهرايون ٿا: "مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي"  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

هن مدني مقصد تي جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته سڀ کان پهريان "پنهنجي اِصلاح" جو چيو پيو وڃي يعني ايئن نه ٿئي جو اسان فقط ٻين جي اِصلاح جو فڪر ته ڪريون پر پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيون، پنهنجي اِصلاح جي ڪوشش جي لاءِ اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطارقادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي طرفان مدني انعامات جي سوغات به تمام وڏي نعمت آهي، اي ڪاش! جو اسان کي حياتي ۾ ئي حقيقي معني ۾ نيڪ اعمال جي قدر نصيب ٿي وڃي۔ هڪ هڪ مدني انعام ڄڻ ته جنّت جي راھ جي تياري ۾ معاون ۽ مددگار آهي۔ اچو! مدني انعام نمبر 19 ٻڌون ٿا: ڇا اڄ اوهان نمازِ تهجد، اِشراق و چاشت ۽ اوّابين ادا فرمائي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تهجُّد ۽ اِشراق ۽ چاشت جا نفل اَدا ڪريو ۽ پاڻ کي جنَّت جو حقدار بڻايو۔ ٿوري زَبان گھٽ هلايو، اَسْتَغْفِرُالله الْعَظِيم زَبان تي آڻيو ۽ جنّت جون حُورون ماڻيو، جيئن ته هڪ بُزُرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه چَالِيهن سالن تائين الله پاڪ جي عبادت ڪئي هڪ ڀيرو دعا ڪيائون، ياالله تنهنجي رحمت سان مونکي جيڪو ڪجهه جنّت ۾ ملڻ وارو آهي ان جي ڪا جَهلڪ دنيا ۾ به ڏيکار اڃان دعا جاري هئي ته محراب يڪدم ڦاٽي پيو ۽ ان مان هڪ حَسِين و جَمِيل حُورَ نڪتي ان چيو ته توکي جنّت ۾ مون جهڙيون سؤ حُورُون ڏنيون وينديون، جن مان هر هڪ جون سؤ سؤ خادمائون ۽ هر خادمه جون سؤسؤ ٻانهيون