Book Name:Taqat e Mustafa

عَـنْهَا آهي. حضرت سيدنا عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي والدِ محترم حضرت عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سڀني پُٽن مان سڀني کان گهڻا پيءُ جا لاڏلا ۽ پيارا هئا ڇو ته ان جي پيشاني ۾ نورِ محمدي پنهنجي پوري شان ۽ شوڪت سان چمڪي رهيو هو. ان ڪري حسن ۽ خوبي جا پيڪر، جميل صورت ۽ ڪمالِ سيرت جا نمونا، ۽ پاڪدامني ۾ بي مثال هئا. قريش قبيلي جون تمام حسين عورتون انهن جي حسن ۽ جمال تي فريفته (عاشق) ۽ انهن سان شادي ڪرڻ جون خواهشمند هيون. پر عبدالمطّلب ان جي لاءِ هڪ اهڙي عورت جي تلاش ۾ هئا جيڪا حسن ۽ جمال سان گڏو گڏ حسب نسب، شرافت ۽ پاڪدامني ۾ به ممتاز هجي.

غيبي سوارن جان بچائي

عجيب اتفاق جو هڪ ڏينهن حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ شڪار جي لاءِ جهنگ ۾ تشريف کڻي ويا ته ملڪ شام جي يهودين ڪن علامتن مان سڃاڻي ورتو ته نبي آخرالزمان جا والدِ ماجد هي ئي آهن. تنهنڪري انهن يهودين حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي قتل(شهيد) ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. پر الله تعالٰي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان کين بچائي ورتو ۽ عالَمِ غيب مان اوچتو اهڙا ڪجهه سوار آيا جيڪي هن دنيا جي ماڻهن سان مشابهت رکندڙ نه هئا، ان سوارن اچي يهودين کي ماري ڀڄايو ۽ حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي حفاظت سان انهن جي گهر تائين پهچايو.

نڪاح ٿي ويو

(حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جا والدِ محترم) حضرت وهب بن مناف رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به ان ڏينهن جهنگ ۾ هئا ۽ ان اِهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو، انهيءَ ڪري انهن کي حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت پيدا ٿي وئي ۽ گهر اچي اهو پڪو عزم ڪري ڇڏيو ته مان پنهنجي نورِ نظر حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي شادي حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان ئي ڪندس. تنهنڪري پنهنجي دلي آرزو کي پنهنجي ڪجهه دوستن جي ذريعي ان عبدالمطلب تائين پهچائي ڇڏيو. خدا جو شان جو حضرت سيدناعبدالمطّلب رَضِىَ