Book Name:Taqat e Mustafa

جو اَسِير (قيدي) بڻائيندا ها۔ حضرت بي بي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راھ خدا ۾ جهاد جي علاوه ڪڏهن ڪنهن شيء، عورت يا خادم کي پنهنجي دستِ اقدس سان نه ماريائون، ۽ نه ئي ايذاء پهچڻ تي ايذاء ڏيڻ واري کان بدلو ورتائون، البت جڏهن الله پاڪ جي حُرمت کي ٽوڙيو ويندو هو ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي لاءِ ان کي سزا ڏني۔

( مسلم،ڪتاب الفضائل،باب مباعدتهٖ للآثام۔۔۔ الخ، ص۹۷۸، حديث:۶۰۵۰)

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ اَخلاقِ ڪريمانه جي برڪتن سان فيضياب ٿي ڪيئي ماڻهن اِسلام قبول ڪيو ۽ بي شُمار ماڻهن جي زندگين ۾ اهڙو مدني انقلاب پيدا ٿيو جو هر پاسي اسلام جي ڦهلجڻ واري روشني گمراهي ۽ ضلالت جي اونداھين کي مٽائي ڇڏيو ۽ قتل و غارت گَري ڪرڻ وارن رت جي پياسن کي جامِ محبت پيئڻ نصيب ٿيو۔

دَورِ جہالت تھا ہر سُو جب کُفْر کی ظُلمت چھائی تھی

تم نے حیوانوں جیسے لوگوں کو بھی اِنسان کیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان جو ڪردار ۽ درگذر

       اي عاشقانِ رسول! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ طرزِ عمل (يعني حُسنِ اَخلاق) کي سامهون رکندي اڄ اسان غورو فڪر ڪريون ته اسان جو اخلاق ڪهڙو آهي، اسان ته سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ پاڻ تي لازم سمجھون ٿا، ڪو اسان سان بداخلاقي سان ڳالھ ڪري ته اسان ان کي ان کان وڌيڪ بداخلاق ٿي ڏيکارڻ پسند ڪيون ٿا، ڪنهن سان ڪا غلطي به ٿي وڃي ۽ هو ان تي معافيون گھرندو وتي تڏهن به اسان ان کي معافي ناهيون ڏيندا۔ اهي سڀ دين کان دوري ۽ جهالت وارا ڪم آهن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد