Book Name:Taqat e Mustafa

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو هاڻي حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهزادي حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي لعل حضور رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌون ٿا

نبي ڪريم ۽ عرب جو مشهور پهلوان  

      مڪي جي ويجھو ڳوٺ ۾ رُڪانه نالي پهلوان رهندو هو۔ ان جو نسبي تعلق خاندانِ بنو هاشم سان هو، هو تمام ئي طاقتور، وڏي زور وارو، زبردست رعب ۽ دٻدٻي وارو ۽ مار ڪٽ ڪرڻ وارو شخص هو۔ ”جبل اِضَم جي وچ ۾ هڪ سرسبز وادي هئي جتي هو ٻڪريون چاريندو هو۔ هن وادي ۾ ڪنهن کي چرپر ڪرڻ جي جُرئت نه هوندي هئي۔ ماڻهو ان جي سامهون اچڻ کان لهرائيندا هئا۔ مشرڪن ۽ ٻين اسلام جي دشمنن جي غلط ڳالهين ڦهلائڻ جي ڪري هو رسولِ اڪرم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان شديد نفرت جا جذبات رکندو هو۔ ان جي دشمني هن حد تائين وڌي وئي جو مَعَاذَالله هو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو۔ اُمّت تي مهربان، ٻنهي جهانن جا سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن به قسم جي خطري کي بغير ڪنهن خاطر ۾ آڻيندي هڪ ڏينهن دينِ اسلام جي دعوت جي لاءِ رُڪانه جي وادي ۾ اڪيلا تشريف کڻي ويا۔ اتي رُڪانه به ٻاهر اچي ويو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي مڇرجي پيو ۽ تڪبر جي نشي ۾ بدمست ٿي چيائين: يامُحَمّدُ!اَنْتَ الَّذِي تَشْتِمُ اٰلِھَتَنَا يعني اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان ئي آهيو جيڪي اسان جي معبودن کي بُرو چئو ٿا؟ ان کان پوءِ هو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو: اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان اسان جي معبودن کي بُرو ۽ ڪمزور چئو ٿا ۽ پنهنجي خدا جي وڏائي بيان ڪريو ٿا۔ جيڪڏهن منهنجو اوهان سان خانداني رشتو نه هجي ها ته اڄ مان اوهان جو ڪم تمام ڪري ڇڏيان ها پر اوهان کي مان بغير مقابلي جي وڃڻ نه ڏيندس۔

ان کان پوءِ رُڪانه رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پاڻ سان ڪُشتي وڙهڻ