Book Name:Taqat e Mustafa

آهن۔ عاشقانِ رسول مدحتِ مُصطفيٰ سان پنهنجي دِل ۽ دِماغ کي مهڪائي رهيا آهن، * ڪٿي سندن جي وِلادَت جو ذِڪر آهي ته ڪٿي سندن جي ڪمالات جو تذڪرو آهي۔ * ڪٿي سندن سِيرت جو بيان آهي ته ڪٿي سندن مُبارَڪ صُورت جو ذِڪر خير آهي۔ * ڪٿي عِبادتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ته ڪٿي سلطنتِ مُصطفيٰ جا چرچا آهن۔ * ڪٿي شَفاعتِ مُصطفيٰ جا تذڪرا آهن ته ڪٿي سندن جي عنايتن جا چرچا آهن۔ * ڪٿي سندن جي عظمتن جو بيان آهي ته ڪٿي سندن جي رِفعتن (بُلندين) جا تذڪرا آهن۔ * ڪٿي طاقتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ته ڪٿي شُجاعتِ مُصطفيٰ جا تذڪرا ڪيا پيا وڃن۔ * ڪٿي نگاههِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي عطاءِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔ * ڪٿي خاندانِ مُصطفيٰ جا چرچا آهن ته ڪٿي برڪاتِ نبوت جو بيان آهي۔ * ڪٿي معجزاتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اَخلاقِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔ * ڪٿي اِختياراتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي نوازشاتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔ * ڪٿي هجرتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اِستقبالِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔ ڄڻ ته ذرّو ذرّو ميلادِ مُصطفيٰ جي برڪتن سان پنهنجو حصو سميٽي رهيو آهي۔ انهيءَ مُناسبَت سان اڄ اسان به رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت مبارڪ ۽ سندن والدين ڪريمين جو مختصر تذڪرو به  ٻڌنداسين۔

   الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اچو! سڀ کان پهريان حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي والدين ڪريمين جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا:

والدِ مصطفٰي جو شان

حضرت سيدنا عبدالله بن عبد المطّلب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما هي اسان جي حضور رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا والد ماجد آهن. سندن نالو عبدالله، ڪنيت ابو محمد، ابو احمد ۽ ابو قُثَم(يعني خير و برڪت سميٽڻ وارا) (شرح زرقاني علي المواھب اللدنية،المقصد الاول...الخ،۱/۱۳۵۔) ۽ والدهءِ محترمه جو نالو مبارڪ آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی