Book Name:Taqat e Mustafa

گھڻا ٿي وڃن ته کاڌي جي مقدار وڌائڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو، تقريبًا چار ڪلو اٽو ۽ ٻڪري جو ٻچو چاهي ڪيترو به صحت مند هجي مشڪل سان پنجاھ سٺ ماڻهن جي پيٽ ڀري کائڻ جو سامان بڻجي سگھي ٿو۔ پر نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن جي برڪت سان ايترو کاڌو نه صرف صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مڪمل جماعت کي پورو ٿي ويو بلڪ جيترو پچايو هو اوترو ئي باقي بچيل رهيو۔ ۽ پوءِ ٻڪري جي بچيل هڏين تي ڪجھ پڙھيائون ته اها گوشت ۽ کل سميت پهريان جھڙي ٻڪري ٿي ڪن ڇنڊيندي بيهي رهي، اها حڪايت سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪيئي ڪمالات جي جامع آهي۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن دور ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني تحريڪ عشقِ رسول ۽ محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريندي آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ شرڪت ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه روزانو گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ مدني ڪمن جي لاءِ ڏيڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي۔ يقيناً جيڪو جيترو وڌيڪ وقت ڏيندو، اِنْ شَاۤءَ الله ان جي لاءِ ثواب ڪمائڻ جا موقعا به ايتري قدر گھڻا هوندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔*  ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ * ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔ * ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ * ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جيئن