Book Name:Taqat e Mustafa

خوب فرمائن ٿا:

سب سے اعلیٰ عزّت والے                     غلبہ و قہر و طاقت والے

حُرمت والے کرامت والے                   تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

ظاہر باہِر سیادت والے                            غالب قاہر ریاست والے

قوت والے شہادت والے                     تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

بگڑی ناؤ کون سنبھالے                           ہائے بھنور سے کون نکالے

ہاں ہاں زور و طاقت والے                      تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

(سامانِ بخشش، ص۸۹-۹۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ الله! اوهان ڏٺو ته اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيترا طاقتور ۽ اعلٰي اخلاق جا مالڪ هئا جو سامهون وارو وڙهڻ جي ڳالھ ڪري رهيو آهي ڪشتي جو چيلنج ڪري رهيو آهي، سخت لهجي ۾ ڳالھ ڪري رهيو آهي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر قُربان وڃجي حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، محبوبِ رَبِّ دَاوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خُلقِ عظيم تي جو سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ بدران حِلم و بُردباري، صبرو استقامت ۽ نرمي سان ڪم وٺندا رهيا۔

۽ اها رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري عادت هئي جو بداَخلاقي ڪرڻ، ڇڙٻڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا گُھورڻ يا ڪنهن به قسم جي بد اَخلاقي ڪرڻ واري سان به الفت ۽ پيار ڀريو برتاؤ ڪندا هئا، ۽ بداَخلاقي سان پيش اچڻ واري تي به لطف و ڪرم ڪندا هئا ۽ ان کي پنهنجي حسين اَدائن