Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
دِيوان"وسائلِ بخشش" ۾ لکن ٿا:
تِری فرش پر حکومت تِری عرش پر حکومت
تُو شہنشہِ زمانہ مدنی مدینے والے
بَعَطائے ربِّ حاکم تُو ہے رِزق کا بھی قاسِم
ہے تِرا سب آب و دانہ مَدنی مدینے والے
صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! هڪ ڳوھ (جانور) ڪهڙي طرح پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سوالن جو جواب ڏنو ۽ نه صرف الله پاڪ جي معبود هئڻ جي گواهي ڏني، بلڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي الله پاڪ جي رسول هئڻ جي شهادت به ڏني۔ اهو اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان آهي جو سرڪش جنّن ۽ انسانن سان گڏ سمورا جاندار به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رسول مڃن ٿا۔ جيئن ته
حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اسان نبين جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ سفر تان واپس موٽندي (قبيلي) بنو نَجّار جي هڪ باغ وٽ پهتاسين ته اسان کي خبر پئي ته باغ ۾ هڪ سرڪش اُٺ آهي جيڪو ڪنهن کي به باغ ۾ اچڻ نٿو ڏئي، جيڪو داخل ٿيڻ چاهي ٿو ان تي حملو ڪري ٿو۔
حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا ته ماڻهن ان ڳالھ جو ذڪر نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڪيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما ٿيا ۽ باغ ۾ داخل ٿي اُٺ کي سڏرايو ته اهو پنهنجي گردن کي جهڪائيندي ادب سان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو۔ پوءِ تاجدارِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٺ جي لغام گھرائي اٺ جي ڳچي ۾ وِڌي، ۽ ان کي سندن مالڪ جي حوالي ڪيائون، پوءِ رسول اڪرم