Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

تمہاری چمک تمہاری دمک تمہاری جھلک تمہاری مہک

زمین و فلک سِماک و  سمک میں     سکہ نشاں     تمہارے لئے

یہ شمس و قمر یہ شام و سحر یہ بَرگ و شَجر یہ باغ و ثَمر

یہ تِیغ و سِپر یہ تاج و کمر یہ حکم رواں     تمہارے لئے[1]

 شعرن جي مختصر وضاحت: يارسول الله! اوهان جي چمڪ، اوهان جي رونق، اوهان جو جلوو، اوهان جي خوشبو،زمين و آسمان ۾ ۽ بلندي ۽ پستي ۾ هر هنڌ اوهان جي حڪومت ۽ سڪو رائج آهي جو اوهان جي مهر کان بنا ڪنهن سڪي جي ڪا قيمت نه آهي۔ اهو چنڊ ۽ سج، صبح و شام اهي وڻ ۽ پن، اهي ميوا ۽ باغ اهي ڍال ۽ تلوار اهو تاجِ شاهي اوهان جي لاءِ اوهان جي حڪم سان جاري و ساري آهن۔ تمام جهانن جي حڪمراني ڪنهن جي آهي يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان ئي جي ته آهي۔

آقا جي آمد مرحبا                 داتا جي آمد مرحبا

موليٰ جي آمد مرحبا               اَوليٰ جي آمد مرحبا

          پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ پنهنجي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي زمين و آسمان جي حڪومت عطا فرمائي آهي، تنهنڪري سندن حڪومت جتي انسانن تي آهي ته اتي جنّن تي به آهي۔ سندن حڪومت زمين تي هلندڙ جانورن تي به آهي ته فضا ۾ اُڏامندڙ پکين تي به۔ سندن حڪومت وڻن تي به آهي ته پٿرن تي به۔ سندن حڪومت فرش تي آهي ته عرش تي به۔ اَمِيـرِ اَھلِسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت مولانا الياس عطار قادِري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه اِختياراتِ مصطفيٰ کي شعرن ۾ تمام عمدگي سان بيان ڪيو آهي، پنهنجي نعتيه


 

 



[1]    حدائق بخشش،ص۳۴۸ ۔