Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
چئي ان ڳوھ کي پنهنجي آستين مان ڪڍي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون رکي ڇڏيائين۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڳوھ کي سڏيو ته ان نهايت ادب سان عرض ڪيو: لَبَّيڪ وَسَعْدَيڪ يعني يا رَسُولَ اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان حاضر آهيان ۽ مون کي پنهنجي هن حاضري تي ناز آهي۔ تمام حاضرين ان جي اها ڳالھ ٻڌي ۽ سمجھي۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇا ڪئي: تنهنجو معبود ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: منهنجو معبود اهو آهي جنهن جو عرش آسمان ۾ آهي ۽ انهيء جي بادشاهي زمين ۾ آهي، ان جي رَحمت جنّت ۾ ۽ عذاب جهنم ۾ آهي۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اي ڳوھ! اهو ٻڌائي ته مان ڪير آهيان؟ ان وڏي آواز سان چيو: اَنْتَ رَسُوْلُ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ، وَخَاتَمُ النَّبِيِّيْنَ يعني اوهان تمام جهانن جي رب جا رسول ۽ آخري نبي آهيو، قَدْاَفْلَحَ مَنْ صَدَّقَک جنهن اوهان جي تصديق ڪئي اهو ڪامياب ٿي ويو، وَقَد خَابَ مَنْ ڪذَّبَڪ ۽ جنهن اوهان کي نه مڃيو اهو نامراد ٿي ويو۔ اهو مَنظر ڏسي اعرابي يعني ڳوٺاڻو ايتري قدر مُتَاثِّر ٿيو جو يڪدم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي عرض ڪرڻ لڳو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان جنهن وقت آيو هئس ته منهنجي نظر ۾ رُوءِ زمين تي اوهان کان وڌيڪ ناپسند انسان ڪو نه هو پر هن وقت منهنجو اهڙو حال آهي جو اوهان منهنجي ويجھو منهنجي جان ۽ منهنجي والدين کان به وڌيڪ پيارا آهيو۔ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: خُدا جي لاءِ حمد آهي جنهن تو کي اهڙي دين جي هدايت ڏني جيڪو هميشه غالب رهندو ۽ ڪڏهن مغلوب نه ٿيندو۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي سوره فاتحه ۽ سوره اخلاص جي تعليم ڏني ته اهو قرآنِ ڪريم جي انهن ٻن سورتن کي ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو: مان وڏا وڏا فصيح و بليغ (پيارو)، ڊگھي ۽ مختصر هر قسم جي ڪلامن کي ٻڌو آهي پر خُدا جو قسم! مون اڄ تائين هن کان وڌيڪ ۽ هن کان بهتر ڪلام ڪڏهن ناهي ٻڌو۔[1]