Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

جي حڪم سان ملائڪن جي سردار جبرئيلِ امين عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام اولھ اوڀر ۽ خانهءِ ڪعبه تي جھنڊا لڳايا۔ (خَصائصِ ڪبريٰ ،۱/۸۲ ملخصاً) * هي اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف آوري تي اِيران جي بادشاھ ڪسريٰ جي محل تي زلزلو آيو ۽ ان جي محل ۾ ڏار پئجي ويا، * هي اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ اِيران جو هڪ هزار سال کان ٻرندڙ آتش ڪدو   ازخود وسامي ويو۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ جي حڪم سان آسمان ۽ جنّت جا دروازا کوليا ويا هئا۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ آسمان تان نور جي برسات ٿيڻ لڳي۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ ملائڪن به ٻنهي جھانن جي سرور، بي بي آمنه جي دلبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جون خوب خوشيون ملهايون۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ مڪي مديني جي تاجدار،عرب و عجم جي شهنشاھ، شفاعت فرمائڻ واري، ڏُک درد کي دُور ڪرڻ واري، جنابِ احمدِ مجتبيٰ، محمدٌ رَّسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا ۾ تشريف آوري ٿي ۽ جڏهن نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا ته ڪفر و شرڪ جون سموريون ظلمتون ختم ٿي ويون۔  مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن برڪتن ڀري، عظمتن ڀري، رحمتن ڀري رات کان فيضان ماڻڻ جي لاءِ خوب فرمائن ٿا:

سحابِ رحمتِ باری ہے بارہویں تاریخ                                    کرم کا چشمۂ جاری ہے بارہویں تاریخ

ہمیں تو جان سے پیاری ہے بارہویں تاریخ                                                       عَدُو کے دل کو کٹاری ہے بارہویں تاریخ

ہزار عید ہوں ایک ایک لَحْظہ پر قُرباں                                                 خُوشی دلوں پہ وہ طاری ہے بارہویں تاریخ

تمام ہوگئی میلادِ انبیا کی خوشی                                                                                         ہمیشہ اب تِری باری ہے بارہویں تاریخ

دلوں کے میل دُھلے گُل کِھلے سُرُوْر ملے                                  عجیب چشمۂ جاری ہے بارہویں تاریخ

چڑھی ہے اَوج پہ تقدیر خاکساروں کی                                                 خُدا نے جب سے اُتاری ہے بارہویں تاریخ

خُدا کے فضل سے ایمان میں ہیں ہم پورے                   کہ اپنی روح میں ساری ہے بارہویں تاریخ