Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

ڪلمو پڙهائن ۽ پنهنجي قدمن ۾ ان کي سمهارين. ياالله! هي دعا هر ان اسلامي ڀيڻ جي حق ۾ به قبول فرماءِ جيڪا پنهنجي محرم جي ذريعي 1 يونٽ جمع ڪرائي، يا ڪنهن طرح  به جمع ڪرائي، سڀني جي حق ۾ قبول فرماءِ. جيڪو ويچارو پاڻ نٿو ڏئي سگهي، پر ٻين کي تيار ڪري هي ڏياري، ان جي حق ۾ به اها دعا قبول فرماءِ.     اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ غيب نشان آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً) اڄ جي دور جون تقاضائون جيڪي آهن اهي ڪنهن سان لڪيل نه آهن۔ ان ڪري دِين جي ڪمن ۾ تعاون جي لاءِ پنهنجي صدقات، عطيات (چندي/ فنڊ Donation) ۽ خيرات وغيره سان تعاون فرمايو۔ اِنْ شَآءَ الله اوهان جو ڏنل صدقو دنيا ۽ آخرت ۾ کوڙ فائدن جو سبب بڻجندو۔

اِمامِ اهلسنّت، مجدّدِ دِين و ملّت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فتاويٰ رضويه جلد23، صفحي 152 تي صدقي جي فضيلتن بابت حديث مبارڪه مان حاصل ٿيل جيڪي فائدا ذڪر ڪيا آهن، انهن ۾ ڪجھ هي به آهن: * الله پاڪ جي حڪم سان (صدقو ڏيندڙ) بُري موت کان بچندا، ستّر دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ * ان (يعني صدقو ڏيندڙن) جون عمرون وڌنديون۔ * (صدقو ڏيندڙن وٽ) رزق جي وسعت، مال جي گھڻائي ٿيندي، * (۽ صدقو ڏيندڙ) صدقو ڏيڻ جي عادت سبب ڪڏهن به محتاج نه ٿيندا۔ * (صدقو ڏيندڙ) خير و برڪت ماڻيندا۔ * (صدقو ڏيندڙن کان) آفتون بلائون پري ٿينديون، * (صدقو ڏيندڙن کان) بُري قضا ٽرندي، * (صدقو ڏيندڙن کان) ستر (70) دروازا برائي جا بند ٿيندا، * (صدقو ڏيندڙن کان) ستر(70) قِسم جون بلائون دور ٿينديون۔ * (صدقو ڏيڻ وارن سان) مددِ الٰهي شامل ٿيندي۔ * رحمتِ الٰهي انهن (يعني صدقو ڏيندڙن) جي لاءِ واجب ٿيندي۔ * ملائڪه اُنهن (يعني صدقو ڏيندڙن) تي درود موڪليندا۔