Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

{۲}حضرتِ سيدُنا ضَحاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي: ڳائڻ دل کي خراب ۽ ربّ تَبارَڪ وتعاليٰ کي ناراض ڪرڻ وارو آهي۔[1]

(2)۔۔۔نعتِ پاڪ جي ڪيسٽ بيشڪ هلايو پر هلڪي آواز ۾ ۽ هن احتياط سان   جو ڪنهن عبادت ڪرڻ واري، سُتل يا مريض وغيره کي تڪليف نه ٿئي پڻ آذان و اوقاتِ نَماز جي به رِعايت ڪريو۔ (عورت جي آواز ۾ نعت جي ڪيسٽ نه هلايو)

(3)۔۔جُلوسِ ميلاد ۾ حتَّي الامڪان باوُضو رهو، باجماعت نماز جي پابندي جو خيال رکو.  عاشِقانِ رسول نَماز جي جماعت ترڪ ڪرڻ وارا نه هوندا آهن.

(4) جُلوسِ مِيلاد ۾ گھوڙا گاڏي (ٽانگو) ۽ اُٺ گاڏي نه آڻيو ڇوته گھوڙا ۽ اُٺ جي پَيشاب ۽ لِڏ کان عاشِقان رسول جا ڪپڙا وغيره پليد ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي.

(5). جُلوس ۾ ”لنگرِ رسائل“ هلايو يعني مڪتبةُ المدينه جا شايع ٿيل رسالا ۽ مَدَني گلن جا مختلف پمفلٽ پڻ سنّتن ڀرين بيانن جي V.C.Ds وغيره خوب ورهايو، ميوا ۽ اناج وغيره تقسيم ڪرڻ ۾ به اڇلائڻ بدران ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيو، زمين تي ڪرڻ وکرڻ ۽ پيرن هيٺان لتاڙجڻ سان ان جي بي حُرمتي ٿيندي آهي۔

(6) چڙ ڏياريندڙ نعره بازي پُروقار جُلوسِ ميلاد کي مُنتَشِر ڪري سگھي ٿي، پُر اَمن رهڻ ۾ اوهان جي پنهنجي ڀلائي آهي۔

(7)۔۔۔خدانخواسته جيڪڏهن ڪٿي هلڪو پٿراءُ ٿئي به ته جذبات ۾ اچي جوابي ڪاروائي نه ڪيو جو هن طرح اوهان جو جلوسِ ميلاد  ٽڙي کڙي ويندو ۽ دشمن جي مُراد پوري ٿيندي۔۔۔۔


 

 



[1]   تفسیراتِ اَحمدیَّہ ص ۶۰۳