Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سڀ کان پهريان ته اسان کي الله پاڪ جو لک لک شڪر ادا ڪرڻ گھرجي جو جنهن اسان کي هڪ ڀيري ٻيهر ٻارهن (12) ربيعُ الاول جي مُقدّس نوراني رات نصيب فرمائي۔ اڄوڪي رات وڏي اهم رات آهي۔ اها رات وڏي عظيمُ الشّان آهي۔ اها رات گھڻي فضيلتن ۽ برڪتن واري مُقدّس رات آهي۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن کي ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ شان و شوڪت واري هستي سَيدُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت آهي۔ * هي اها عظيم رات آهي جو جيڪا شبِ قدر کان به افضل آهي۔ (ماثبت بالسنۃ، ص ۱۵۳) * هي اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ حضرت آمِنه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي رحمت ڀري گھر مان اهڙو نور چمڪيو جنهن سڄي جھان کي جڳمڳائي ڇڏيو۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر پاسي خوشين جو بهارون اچي ويون۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر پاسي شادمانين جا ترانا وڄڻ لڳا ۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر پاسي نور جي روشني پکڙجي وئي. * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ ڪفر و شرڪ جون سڀئي ظلمتون ختم ٿي ويون۔ * اڄوڪي رات هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ مومنن تي عظيم احسان فرمايو۔ * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ شيطان پنهنجي ساٿين سان گڏ رُسوا ٿيو۔ * اڄوڪي رات آسمان جا تارا به زمين ڏانهن مائل ٿيڻ لڳا۔ * هي اها عظيم رات آهي جيڪا تمام راتين جي سردار آهي، * هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ