Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

هئا ۽ سخت سردي ۾ ٻه هلڪا ڪپڙا پائي وٺندا هئا۔[1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تمام موسم الله پاڪ جي نعمت آهن جو انهن جي تبديلي سان اسان کي طرح طرح جا فائدا حاصل ٿيندا آهن۔ سياري جي موسم الله پاڪ جي نعمت آهي جو گهٽ وقت ۾ گھڻيون نيڪيون ڪمائڻ جو سبب آهي۔ اسان جو اَسلاف سياري جي موسم جي آمد تي خوش ٿيندا هئا ۽ ان کي پنهنجي عبادتن ۾ اِضافي جو موسم قرار ڏيندا هئا۔ [2]

اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! سياري جي اچڻ تي ته ملائڪ به خوش ٿيندا آهن، جيئن حضرت سيدُنا قَتاده رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ! ملائڪ مؤمنن جي لاءِ سياري جي اچڻ تي خوش ٿيندا آهن، ڇوته ان جا ڏينهن ننڍا هئڻ جي ڪري مؤمن روزو رکندو آهي ۽ رات ڊگھي ٿيڻ جي ڪري قِيام ڪندو آهي۔[3]

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪوشش ڪريو ۽ روزا رکو، ڇوته سياري جا ڏينهن ننڍا هوندا آهن، موسم ٿڌو رهندو آهي جنهن جي ڪري بک ۽ اڃ جو اِحساس گھٽجي ويندو آهي، لهٰذا هن مان فائدو کڻندي ڏينهن جو نفلي روزا رکو، اسان جي پياري نبي، مڪي مدنيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سياري جا روزا ٿڌي غنيمت آهن۔[4]

هڪ ڀيري نبي اڪرم،شفيعِ معظمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن هڪ نفلي روزو رکيو، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت ۾ هڪ وڻ لڳائيندو جنهن جو ميوو ڏاڙهونءَ جيان ننڍو ۽ صوف کان وڏو هوندو اهو ماکي جھڙو مٺو ۽ خوش ذائقه هوندو، الله پاڪ بروزِ قيامت روزيدار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو۔[5]


 

 



[1]   سیرتِ حلبیہ،غزوہ خبیر،ج۳،ص۵۳،دارالکتب العلمیہ

[2]    مسندُالفردوس،2/349،حدیث:6808

[3]    الزہد لاحمد بن حنبل، ص240، رقم: 1251

[4]    ترمذی،2/210،حدیث:797

[5]    معجمِ کبیر، 18/366، حدیث:935