Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

وسق ۾ 60صاع ٿيندا آهن ۽ هڪ صاع 3ڪلو840 گرام جو ٿيندو آهي، اهڙي طرح هڪ وسق230 ڪلو 400 گرام جو ٿيو ۽ پنجاھ وسق11.520 ڪلو جو ٿيو) [1] کجورون راھ خدا ۾ به ڏنيون۔ اها ٿيلهي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زماني ۾ منهنجي سواري جي پويان لٽڪيل هئي جيڪا خبر ناهي ڪٿي گم ٿي وئي۔[2]

کس سے ممکن ہے صفت حضرت  رَسُولُ اللہَ کی    جب کہ خالق خود کرے مِدحت رَسُولُ اللہَ کی

جانور  سنگ  و  شجر  اِنس  و  مَلَک  عرش  و  فلک     جانتے ہیں جیسی ہے قدرت رَسُولُ اللہَ کی[3]

حڪيم جي آمد مرحبا                     عظيم جي آمد مرحبا

ياسين جي آمد مرحبا                       پياري جي آمد مرحبا

طٰهٰ جي آمد مرحبا                          مُزَّمِّل جي آمد مرحبا

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! ٻڌو اوهان اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت سان 21 کجورون سڄي لشڪر پيٽ ڀري کاڌيون پر اهي ڪڏهن ختم نه ٿيون۔ اها ڳالھ جتي رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اختيارات تي دلالت ڪري ٿي اتي هن ڳالھ تي به دلالت ڪري ٿي ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي صحابه جي حاجتن تي نظر ڪندا هئا ۽ ان جي ضرورتن جو خيال رکندا هئا۔

اچو! اسان به پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ميلاد جي هن موقعي تي نيت ڪريون ٿا ته ماڻهن (بالخصوص پنهنجي قريبي رِشتيدارن) جي ضرورتن جو خيال رکندي ايستائين جو انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔


 

 



[1]    بہار شریعت،۱/۵۸بتغیر

[2]   الخصائص الکبریٰ ، ج۲،ص۸۵، دارالکتب العلمیہ

[3]   قبالۂ بخشش،ص300