Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
* اهي هٿ هزارن جون جھوليون ڀري ڇڏيندا آهن۔
* انهن مبارڪ هٿن ۾ جيڪر پٿريون اچن ته اهي ڪلمو پڙهڻ لڳنديون آهن۔
* انهن مبارڪ هٿن کي جيڪڏهن ٿوري پاڻي ۾ وجھن ته انهن جي آڱرين مان چشما جاري ٿي ويندا آهن۔
* اهي هٿ جيڪر ٻڪري جي خشڪ ٿڻن تي لڳن ته اهي کير سان ڀرجي ويندا آهن۔
* ان مبارڪ هٿن جي آڱر کڄي ته چنڊ جا ٻه ٽڪر ٿي ويندا آهن۔
* انهيء هٿ سان سج کي اشارو ڪن ٿا ته اهو واپس موٽي اچي ٿو۔
* اهي ئي هٿ جيڪر ٽٽل ڀيڏي تي ڦيرن ٿا اها پهريان جيان ٺيڪ ٿي وڃي ٿي.
* انهيء هٿ جون آڱريون جڏهن آسمان ڏانهن اٿن ٿيون ته ڪڪر اچي وڃن ٿا ۽ برسات وسڻ لڳي ٿي۔
* هي ئي هٿ جيڪڏهن ڪنهن کاڌي تي لڳي وڃن ٿا ته ان ۾ اهڙي برڪت ٿئي ٿي جو اهي سوين ماڻهن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي۔
* اهي ئي هٿ جيڪر الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا جي لاءِ کڄن ٿا ته دعا قبول ٿي وڃي ٿي.
* اهي ئي هٿ جيڪڏهن دسترخوان کي لڳي وڃن ته ان کي باھ نه ساڙيندي۔