Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي اهي ئي انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن جن جي والده اُمِّ سُلَيم سندن کي بارگاھ نبوي ۾ کڻي حاضر ٿين ٿيون ۽ عرض ڪن ٿيون: يا رَسُولَ اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هيءُ منهنجو پٽ اوهان جو خادم آهي۔ اوهان ان جي لاءِ دعا ڪريو۔ اهو ٻڌي حبيبِ مڪرم رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دعا فرمائي: اي الله! ان جي مال ۾ برڪت عطا فرما، ان جو مال وڌاءِ ، ان جي اولاد ۾ اضافو فرما ۽ جيڪو تو اَنس کي عطا فرمايو آهي ان ۾ برڪت ڏي۔[1]
اها دعا اهڙي مقبول ٿي جو عام باغن ۾ سال ۾ هڪ ڀيري ميوو ٿيندو هو پر حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باغن ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندو هو، اولاد ۾ اهڙي برڪت ٿي جو سندن 128 پٽ ۽ 2 نياڻيون پيدا ٿيون ۽ پوٽا پوٽين جو تعداد معلوم ناهي ۽ سندن 99 سال عمر ٿي۔ اهي سڀئي برڪتون حبيبِ خدا جي دعا سبب مليون۔[2]
نہ ہے تم سا نہ کوئی ہوگا آگے نہ اے آقا کوئی تم سا ہواہے
تری مرضی رضائے حق ہے مولیٰ رضائے حق تری مرضی شہاہے[3]
اعليٰ جي آمد مرحبا والا جي آمد مرحبا
بالا جي آمد مرحبا پيشوا جي آمد مرحبا
صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شهنشاھ ختم نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان نرالو آهي۔ سندن وٽ اهي اختيار آهن جو پاڻ جڏهن چاهين جيڪو چاهين تصرف ڪري سگھن ٿا، ايستائين جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اختيارات کي شمار ڪرڻ ممڪن ناهي۔ الله پاڪ سندن کي اهڙا هٿ عطا ڪيا آهن جو جيڪي بظاهر ته خالي آهن پر انهن هٿن ۾ ٻنهي جھانن جون نعمتون آهن: