Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
منهنجي والده کجور، گيھ ۽ پنير وٺي حلوو بڻايو، پوءِ ان کي هڪ ٿانوء ۾ وجھي چيائون: اي اَنس! اهو ٿانءُ منهنجي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ کڻي وڃو ۽ عرض ڪجان: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهو منهنجي امڙ موڪليو آهي، انهن اوهان جي خدمت ۾ سلام پيش ڪيو آهي ۽ عرض ڪيو آهي ته اهو معمولي تحفو اسان جي طرفان قبول فرمايو۔ فرمائن ٿا: مان حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس ۽ امڙ جيڪو چيو هو اهو عرض ڪيو ته حضوراڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هن کي رکو۔ پوءِ فرمايائون: وڃ ۽ فلاڻي فلاڻي کي سڏي اچو، ۽ ان کان علاوه جيڪو به توهان کي واٽ ۾ ملي ان کي به دعوت ڏجو۔ مان نڪتس ۽ جن جن جو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نالو ورتو هو، انهن کي دعوت ڏني ۽ انهن کي به دعوت ڏيندو رهيس جيڪي مون کي واٽ ۾ مليا۔ جڏهن واپس گھر موٽيس ته ڏسان ٿو ته گھر صحابه ڪرام سان ڀريل هو۔ هتي حضرت انس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو ويو ته ماڻهن جو تعداد ڪيترو هو؟ فرمايائون: ٽي سو(300)۔ فرمائن ٿا ته پوءِ مون سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته پاڻ پنهنجو مبارڪ هٿ ان حلوي تي رکيو ۽ جيڪو الله چاهيو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڙھيو. پوءِ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏھ ڏھ ماڻهن کي سڏائڻ شروع ڪيو، اهي ان ٿانوَ مان کائيندا هئا ۽ پاڻ انهن کي فرمائيندا هئا ته الله جو نالو وٺو ۽ هر شخص پنهنجي طرف کان کائي۔ فرمائن ٿا ته انهن سڀني پيٽ ڀري کاڌو۔ هڪ ٽولو نڪرندو هو ته ٻيو داخل ٿي ويندو هو، ايستائين جو سڀني کائي ورتو ته مون کي فرمايائون: اي اَنس! ٿانوَ کڻي وٺو، مون کڻي ورتا، مون کي خبر ناهي ته حلوو ان وقت وڌيڪ هو جڏهن مون رکيو، يا ان وقت جڏهن مون ان کي کنيو هو۔[1]
کردیا اپنے خزانوں کا خدا نے مالک بے طلب جس کو جو چاہیں عطا کرتے ہیں
میں تیری دَین کے قرباں کہ تیرے منگتا تجھ سے جو چاہتے ہیں مانگ لیا کرتے ہیں [2]