Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان الله جي ثناء ۾ مشغول هيس. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: ڇا توکي خبر ناهي ته مون تي درود پاڪ پڙهڻ کان سواءِ الله پاڪ پنهنجي ثناء به قبول ناهي فرمائيندو، هو اهڙي ڪا دعا قبول ناهي ڪندو جنهن ۾ مون تي درود شريف نه پڙهيو ويو هجي ۽ ڪا حاجت پوري ناهي ڪندو جيستائين مون تي درود پاڪ نه پڙهيو وڃي، ڇا توهان الله پاڪ جو اهو مبارڪ فرمان ناهي ٻڌو؟ صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶)    ترجمو ڪنزالايمان: ان تي درود  ۽ خوب سلام موڪليو. (پ22، الاحزاب:56)

 

جہاں کے مولا جہاں کے سرور  سلام تُم پر سلام تُم پر

طبیبِ عالَم  حبیبِ داوَر،سلام تُم پر سلام تُم پر

تمہاری نورانیت سے اب تک ہیں عالَمِ نور، دونوں عالَم

تمِہیں  تو  ہو نور و  نورِ پیکر  سلام تم پر  سلام تم پر [1]

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.

 (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  

   (1بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

   (2جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران


 

 



[1]   نغمۂ روح ،از:بہزاد لکھنوی،ص۴۱،پاکستان کوآپریٹوبک سوسائٹی،کراچی