Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن ڏانهن متوجھ ٿيندي فرمايو: بيشڪ زمين و آسمان ۾ سرڪش جنّن ۽ انسانن کان علاوه هر شيء اهو تسليم ڪري ٿي ته مان الله جو رسول آهيان۔[1]

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ پنهنجي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي خزانن جون ڪنجيون عطا ڪيون ۽ تمام جهانن کي حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تصرف ۾ ڏنو آهي ته اوهان جنهن کي جيڪو چاهيو ڏئي ڇڏيو ۔

اِنہیں خدا نے کیا اپنے مُلک کا مالک                                اِنہیں کے قبضے میں رب کے خزانے آئے ہیں[2]

 مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضورِ اقدسصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا نائبِ مطلق آهن، سمورا جهان حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اختيار ۾ ۽ سندن حڪم هيٺ ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو چاهين ڪن، جنهن کي جيڪو چاهين عطا ڪن، جنهن کان جيڪو چاهين واپس وٺن، تمام جهان ۾ سندن حڪم کي ڦيرڻ وارو ڪير ناهي، سڄو جهان سندن حڪم هيٺ آهي ۽ هو پنهنجي رب کانسواءِ ڪنهن جا محڪوم نه آهن، تمام انسانن جا مالڪ آهن، سڄي زمين ان جي مِلڪ آهي، تمام جنت ان جي جاگير آهي، آسمان ۽ زمين جون سلطنتون حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي فرمان هيٺان، جنت ۽ دوزخ جون ڪنجيون مبارڪ هٿ ۾ ڏنيون ويون، رزق ۽ خير ۽ هر قسم جون عطائون، حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار مان عطا ٿينديون آهن، دنيا ۽ آخرت حضور جي عطا جو هڪ حصو آهي۔[3] رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي رَب جي عطا سان مالڪ جنَّت آهن، جنَّت


 

 



[1]   مسند امام احمد بن حنبل،ج:۳، ص:۳۱۰۔

[2]   سامانِ بخشش، ص۱۳۹۔

[3]  بہارِ شریعت، ۱/۸۱-۸۳،حصہ:۱۔