Book Name:Shan e Mustafa
۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو * دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” جلد 3 صفحي 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ ۾ وڌ آڱرين جي منڍ تائين ۽ ويڪر هڪ گرانٺ هجي (رَدُّالْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹) * سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي۔ (مراٰة ، ج۶ص۹۴) * مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي. ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو * دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دن جي هيٺان کان گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪيل هئڻ فرض آهي، دن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. * تڪبُّر طور جيڪو لباس هجي اهو منع آهي تڪبُّر آهي يا نه ان جي سڃاڻپ ائين ڪريو جو انهن ڪپڙن جي پائڻ کان پهريان پنهنجي جيڪا حالت ڏسي ٿو جيڪڏهن پائڻ کان پوءِ به اها ئي حالت آهي ته معلوم ٿيو ته انهن ڪپڙن سبب تڪبُّر پيدا نه ٿيو۔ جيڪڏهن اها حالت اڃا باقي نه رهي ته تڪبُّر اچي ويو۔ لهٰذا اهڙن ڪپڙن کان بچي، ڇوته تڪبُّر تمام بُري صِفَت آهي۔ (بہارِشریعت ج۳ص ۴۰۹ ،رَدُّ الْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹)
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي
شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن
جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن
جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن
ڀريو سفر آهي.