Book Name:Shan e Mustafa
سندن تي ايمان آڻين ۽ سندن مدد ڪن۔ (المواھب اللدنیۃ مع شرح زرقانی ، المقصد الاول۔۔۔الخ،فی تشریف اللّٰہ تعالی لہ ۔۔۔الخ،ج۱، ص۷۷) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو عرش جي ستون تي ۽ هر هڪ آسمان تي ۽ بهشت جي وڻن ۽ محلات تي ۽ حُورن جي سينن تي ۽ ملائڪن جي اکين جي وچ ۾ لکيو ويو آهي۔ (الخصائص الکبریٰ، باب:خصوصیتہ بکتابۃ اسمہ الشریف مع اسم اللّٰہ تعالی۔۔الخ، ج۱،ص۱۲-۱۳) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورن عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جو مبارڪ نالو مُحَمَّد، الله پاڪ جي مبارڪ نالي محمود مان نڪتو آهي۔ (الخصائص الکبریٰ، باب:اختصاصہ صلی اللّٰہ علیہ وسلم باشتقاق اسمہ الشریف ۔۔۔الخ،ج۱،ص۱۳۴) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ نالن مان تقريبًا ستر (70) نالا اهي ئي آهن جيڪي الله پاڪ جا آهن * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ مبارڪ نالو احمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي۔ سندن کان پهريان جڏهن کان دنيا پيدا ٿي ڪنهن جو اهو نالو نه هو ته جيئن هن ڳالھ ۾ ڪنهن کي شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهي ته قرآن پاڪ کان پهريان جي آسماني ڪتاب ۾ جيڪو احمد جو ذڪر آهي اهو سندن جو ئي آهي. (شرح الزرقانی علی المواھب،المقصدالثانی۔۔۔الخ،الفصل الاول فی اسمائہ ۔۔۔الخ،ج۴، ص۲۳۲۔۲۳۴ ملخصًا) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پٺيان کان ائين ئي ڏسن ٿا جيئن اڳيان کان ڏسن ٿا۔ رات جي اونداهي ۾ ائين ڏسن ٿا جيئن ڏينهن جي وقت ۽ روشني ۾ ڏسن ٿا۔ (الخصائص الکبریٰ، باب:المعجزۃ والخصائص فی عینیہ الشریفتین، ج۱،ص۱۰۴ملتقطًا) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دهنِ مبارڪ جو لعاب کاري پاڻي کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو ۽ کيرپياڪ ٻارن جي لاءِ کير جو ڪم ڏئي ٿو۔ (الخصائص الکبریٰ،باب:الایات فی فمہ الشریف وریقہ واسنانہ،ج۱،ص۱۰۵) * شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻڌڻ جي قوت سڀني کان وڌيڪ هئي۔ ايستائين جو اڪثر ملائڪن جي هجوم جي سبب آسمان ۾ جيڪو آواز پيدا ٿيندو آهي، پاڻ اهو به ٻڌي وٺندا هئا۔ حضرت جبرائيل عَلَيه السَّلام اڃان سِدرةُ المُنتهٰي ۾ هوندا هئا پاڻ