Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

حضرت ابو قتاده رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي تِير لڳو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي پنهنجو لعابِ دهن لڳايو ته يڪدم ئي رت بند ٿي ويو ۽ پوءِ سڄي زندگي انهن کي ڪڏهن تِير و تلوار جو زخم نه لڳو۔

اي عاشقانِ رسول! اسان تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خصائص و معجزات ۽ لُعابِ دهن جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ هونئن ته الله پاڪ هر نبي عَلَيه السَّلَام کي عظمت و شان عطا فرمائي آهي ۽ زماني جي اعتبار سان انهن کي مختلف معجزات به عطا فرمايا آهن۔

۽ ايترا معجزا عطا ڪيا آهن جو جن جو يقيني تعداد اڃان تائين ڪو بيان ناهي ڪري سگھيو، نائين صدي هجري جو بزرگ حضرت علامه جلال الدين سيوطيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو 500 کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف آهي انهن 20 سال جي وڏي محنت کان پوءِ سندن خصوصيتن بابت ٻه ڪتاب لکيا جن ۾ پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ هزار (1000) کان ڪجھ وڌيڪ معجزن جو بيان آهي۔ جيڪي مڪمل ناهن بلڪ سندن جي معجزن مان ڪجھ آهن۔

          پيارا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان تمام اوچو آهي

*  شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو الله پاڪ پاڻ سڳورن
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سڀني نبين کان پهريان پيدا ڪيو ۽ سڀني کان آخر ۾ دنيا ۾ مبعوث فرمايو۔ (المواھب اللدنیۃ مع شرح زرقانی، المقصد الاول۔۔۔الخ،فی تشریف اللّٰہ تعالی لہ ۔۔۔الخ، ج۱، ص۷۶) *  شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو عالمِ اَرواح ئي ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نبوت سان سرفراز فرمايو ويو ۽ انهيء عالم ۾ ٻين انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلام جي روحن سندن روح انور مان فيض حاصل ڪيو۔ (المواھب اللدنیۃ مع شرح زرقانی،المقصد الاول۔۔۔الخ،فی تشریف اللّٰہ تعالی لہ ۔۔۔الخ،ج۱، ص۶۳) *  شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي ته عالم اَرواح ۾ ٻين انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلام جي روحن کان الله پاڪ عهد ورتو ته جيڪڏهن اهي حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زماني کي ڏسن ته