Book Name:Shan e Mustafa
ہاں تونے ان کو جان انھیں پھیر دی نماز پر وہ تو کرچکے تھے جو کرنی بشر کی ہے
ثابت ہو ا کہ جملہ فرائض فروع ہیں اصل الاصول بندگی اس تاجور کی ہے
اشعار جي مختصر وضاحت! يارسول الله! هجرت جي رات غارِ ثور ۾ حضرتِ صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه سندن حفاظت جي خاطر غار جي سوراخ مان نانگ جي ڏنگڻ جي تڪليف برداشت ڪئي ڄڻ ته پنهنجي جان ڏئي ڇڏي، جڏهن ته جان جي حفاظت ڪرڻ تمام فرضن کان وڌيڪ آهي ۽ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ننڊ جي خاطر پنهنجي عصر جي نماز جو وقت ختم ڪري ورتو جڏهن ته عصر جي نماز سڀني نمازن کان افضل هئڻ جو درجو رکي ٿي پر انهن اها به پاڻ ڪريم تي قربان ڪري ڇڏي۔ انهن اهو ڪيو جنهن جي انسان قدرت رکي ٿو پر سندن جي شانِ عظمت جي بلندي اها آهي جو پاڻ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي جان واپس ڪري ڇڏي ائين جو لعابِ دهن سان نانگ جي زهر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي قضا نماز سج واپس ڪري نماز ادا ڪرائي۔ انهن ٻنهي واقعن مان اهو ثابت ٿيو ته تمام فرض ٽارين جيان آهن ۽ حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۽ فرمانبرداري تمام فرضن جو بنياد آهي، پاڙ آهي ۽ پاڙ هوندي آهي ته ٽاريون سايون رهنديون آهن۔
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لُعابِ دهن سان صرف صديقِ اڪبر ئي فيض ياب نه ٿيا بلڪ سندن لعابِ دهن جي برڪتن سان ٻين صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوان به فيض پاتو آهي جيئن ته
موليٰ مشڪل ڪشا، حضرت علي المرتضيٰرَضِىَ اللهُ عَنْه جي اکين جي اٿڻ جي لاءِ اهو لعابِ دهن ''شِفاءُ العَين'' بڻجي ويو۔ حضرت رفاعه بن رافع رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اک ۾ جنگِ بدر واري ڏينهن تير لڳو ۽ اک زخمي ٿي پئي پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن سان اهڙي شفا حاصل ٿي جو درد به هليو ويو ۽ اک جي روشني به برقرار رهي۔