Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

سلطان جي آمد مرحبا   ذيشان جي آمد مرحبا

غيب دان جي آمد مرحبا     آقاءِ عطارؔ جي آمد مرحبا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصائص ۽ ڪمالات کي شمار ڪرڻ انسان جي وس ۾ ناهي، علماءِ ظاهر و باطن سڀ هتي عاجز آهن۔

حضرت خواجه صالح بن مبارڪ بخاري خليفه مجاز حضرت خواجه سيد بهاؤالدين نقشبنديرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه’’انيس الطالبين ‘‘  جي صفحي نمبر 9 تي لکن ٿا:

صوفي سڳورن جو هن معاملي تي اتفاق آهي ته نبوت جي سڀ کان وڌيڪ ويجھو مقام ۽ رتبو ”صديقيت“ آهي۔ ۽ سلطان العارفين ابو يزيد بسطامي قُدِّسَ سِرُّه الله جي بارگاھ ۾ انسانن جي درجات جو تفصيل بيان ڪندي فرمائن ٿا: درجات جي ترتيب ۾ اعتبار اهو آهي ته هتي هڪ جي درجات جي انتها ٿيندي آهي اتي ٻئي جي درجات جي ابتداء ٿيندي آهي، وڌيڪ فرمائن ٿا: سڀ کان هيٺ عام مومنين جو درجو آهي ان کان مٿي اولياء ان کان مٿي شهداء ان کان مٿي صديقين ان کان مٿي انبياءِ ڪرام ان کان مٿي الله جا رسول، رسولن کان مٿي اولوالعزم رسول ۽ ان کان مٿي مقام جي انتهاء کان محمد رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقام جي ابتدا آهي۔ ۽ حضرت مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقام جي ڪا انتهاء ناهي ۽ الله پاڪ کان سواء ڪو ٻيو سندن مقام جي انتهاء نٿو ڄاڻي۔ عالَمِ ارواح ۾ جڏهن الله پاڪ سڀني روحن کان عهد ورتو ان ڏينهن روحن جو مقام انهيءَ مرتبن تي هو جيڪي بيان ڪيا ويا آهن ۽ قيامت جي ڏينهن به انهيءَ رتبن تي هوندا۔ (سیرت رسول عربی،550ص بحوالہ انیس الطالبین (مُتَرْجَمْ)، قسم اوّل، ولی اور ولایت کی تعریف، ص ۳۴) يعني اسان جي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا جو رُتبو عالَمِ ارواح ۾ به سڀني کان بلند هو ۽ قيامت ۾ به سڀني کان بلند هوندو۔