Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

تعداد معلوم آهي، ان کان علاوه ٻيا پڻ کوڙ آهن، جيڪي الله پاڪ ۽ رَسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عِلم ۾ آهن، ڪيئي اهڙا هوندا جن جو حِساب ٿي چڪو آهي ۽ جهنم جا حقدار ٿي چڪا، انهن کي جهنم کان بچائيندا ۽ ڪن جي شَفاعت فرمائي جهنم مان ڪڍندا ۽ ڪن جا دَرَجات بلند ڪندا ۽ ڪن کان عذاب گھٽ ڪرائيندا۔ هر قسم جي شَفاعت حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ثابت آهي۔ اِن مان ڪنهن جو اِنڪار اهو ئي ڪندو جيڪو گمراه آهي ۽ ها! شَفاعت جو منصب حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏنو ويو آهي جيئن ته بخاري شريف جي حديث نمبر 335 ۾ شافعِ روزِ جَزا، رَسُولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: اُعْطِيتُ الشَّفَاعَة يعني مون کي شَفاعت ڏني وئي آهي۔

(بخاری،کتاب التیمم،باب التیمم،۱/۱۳۳، حدیث:۳۳۵)

حرزِ جاں ذِکرِ شَفاعت کیجئے        نار سے بچنے کی صُورت کیجئے

ہم تمہارے ہو کے کس کے پاس جائیں                       صَدقہ شہزادوں کا رَحمت کیجیے[1]

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اشعار جي مختصر وضاحت: اي عاشقانِ رسول! پنهنجي جان کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ شفاعت جو ذِڪر پنهنجي ڳلي جو تعويذ بڻائي ڇڏيو، جيئن تعويذ هر وقت ڳلي ۾ رهندو آهي، اهڙي طرح ذِڪرِ شفاعت سان هر وقت پنهنجي زبان کي تَر رکو، اهڙي طرح اي گنهگارو! دوزخ جي باھ کان بچڻ جي توهان جي لاءِ ڪا صورت نڪري سگھي ٿي، عملن تي ڀروسو نٿو ڪري سگھجي، حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت سان ئي ڪم بڻجندو۔

اي گنهگارن کي پنهنجي دامن ۾ لڪائڻ وارا مهربان آقا! جڏهن اسان اوهان ئي جا آهيون، جيتوڻيڪ جھڙا به آهيون ته پوءِ اسان مصيبت جا ماريل اوهان ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو در ڇڏي ڪنهن وٽ وڃون، پنهنجن پيارن شهزادن (اِمامِ


 

 



[1]    حدائقِ بخشش،ص۱۹۴-۱۹۶۔