• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • خواجہ غریب نواز arrow icon
    • page 6
    book-logo
    book_icon
    خواجہ غریب نواز
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    نگاهن ۾ سمائجي وڃان ۽ شاگرد جي اها آرزو هوندي آهي ته اُستاد جي اکين جو تارو بڻجي وڃان، اهڙي طرح هڪ مُريد جي اها دِلي خواهش هوندي آهي ته مان پنهنجي پير و مُرشد جو منظورِ نظر بڻجي وڃان، پر اهڙا قسمت وارا گھٽ هوندا جن جي اها تمنا پوري ٿي وڃي۔ لهٰذا پنهنجي پيرو مرشد جي خدمت ۽ ان جي ادب و تعظيم کي پنهنجو پاڻ تي هر وقت لازم رکڻ گھرجي، اوهان ڏسو ته حضرت خواجه غريب نواز مُعينُ الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پير ومرشد جي خدمت ڪري ڪهڙو مقام حاصل ڪيو آهي جو هڪ موقعي تي پاڻ مُرشدِ ڪريم خواجه عثمان هاروَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اسان جو مُعينُ الدين، الله پاڪ جو محبوب آهي، اسان کي پنهنجي مُريد تي فخر آهي۔ (فيضان ِ خوجه غريب ِ نواز ،ص۹) اچو مرشد جي خدمت جو انعام خواجه غريبِ نواز جي زباني ٻڌون ٿا:

    خدمتِ مرشِدِ جو انعام

    خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هڪ بُزرگ سو سال تائين خدا جي عبادت ڪندو رهيو، ڏينهن جو روز رکندو هو ۽ رات جو قيام ڪندو هو ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي عبادتِ الاهي جي تلقين ڪندو هو، سندس انتقال کان پوءِ ماڻهن کيس جنّت ۾ ڏسي ڪري سندس حال پڇيو ته جواب ڏنائين ته منهنجي رات ڏينهن جي عبادت جنّت ۾ داخل ٿيڻ جو باعث ناهي ٿي. بلڪه الله ڪريم مون کي پنهنجي پير و مرشد جي خدمت جي سبب کان بخشيو آهي. پاڻ وڌيڪ ارشاد فرمائن ٿا ته قيامت جي ڏينهن اولياء صديقين ۽ مشائخِ طريقت کي قبرن مان اٿاريو ويندو ته انهن جي ڪلهن تي چادورن پيل هونديون ۽ هر چادر سان هزارين ڌاڳا لڙڪيل هوندا. انهن بزرگن جا مريدين ۽ عقيدت مند ان ڌاڳن کي پڪڙي ڪري لڙڪي پوندا ۽ انهن بزرگن سان گڏ پلصراط عبور ڪري جنّت ۾ داخل ٿي ويندا. (آدابِ مرشدِ ڪامل،ص ۱۰۲ )

    پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُرشِد جي خدمت ڪرڻ وارن کي ڪيتريون پياريون خوشخبريون ٻڌايون آهن ۽ پاڻ صرف ڳالهيون نه ڪيون بلڪ عمل به ڪري ڏيکاريو آهي جو پنهنجي پيرو مرشد جي خدمت ۽ ادب جو حق ادا ڪيو جو انهن جي حياتي ۾ انهن سان گڏ رهي ڪري انهن جي خدمت ڪندا رهيا ۽ وصال کان پوءِ به مرشد جي ادب و احترام کي پاڻ تي لازم رکيائون۔

    اچو پيرو مرشد جي ادب و احترام جو هڪ انوکو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

    مُرشدِ ڪامل جي مزار جو به ادب

              هڪ ڀيري حضرت خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُريدن جي تربيت فرمائي رهيا هئا۔ پر دورانِ بيان جڏهن سندن نظر ساڄي طرف پوندي هئي ته پاڻ (با ادب انداز ۾) اٿي بيهندا هئا، تمام مريد اهو ڏسي ڪري حيران هئا ته پير و مرشد هر هر ڪنهن جي تعظيم لاءِ بيهن ٿا، پر ڪنهن کي سبب پڇڻ جي جرئت نه هئي، مطلب ته جڏهن سڀ ماڻهو اتان هليا ويا ته هڪ منظورِ نظر مريد عرض ڪيو ته حضور! اسان جي تربيت جي دروان ڪيترائي ڀيرا توهان قيام فرمايو ان ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟ ته خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو! ته هن طرف پير و مرشد شيخ عثمان هاروَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ آهي تنهنڪري جڏهن منهنجو پير و مرشد جي مزار مبارڪ ڏانهن رخ ٿيندو هو ته مان تعظيم جي لاءِ اٿي بيهندو هئس ۽ مان پنهنجي پير و مرشد جي روضي مبارڪ جي تعظيم  خاطر قيام ڪندو هئس. (آدابِ مُرشدِ ڪامل، ص ۱۱۴بتغير)

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • خواجه غريب نواز
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائون
    • خواجه غريب نواز جو مختصر تعارف
    • پير و مرشد جي تلاش ۽ خدمت
    • خدمتِ مرشِدِ جو انعام
    • مُرشدِ ڪامل جي مزار جو به ادب
    • خدمتِ مرشد جا فائدا
    • قُطبُ الدّين بختيار ڪاڪي ۽ پير جي خدمت
    • خواجه شمس الدين سيالوي ۽ پير جي خدمت
    • بايزيد بسطامي ۽ خدمت مرشد
    • اعلي حضرت ۽ خدمتِ مرشد
    • لعل شهباز قلندر ۽ پير و مرشد
    • مجدد الف ثاني ۽ پيرو مرشد
    • امامِ اعظم ۽ خدمتِ مرشد
    • ڇا پير جو حق ادا ٿي سگھي ٿو؟
    • پير و مرشد ضروري ڇو؟؟؟
    • ڪير ڪنهن جو مريد ؟؟؟
    • اڄڪلھ جا جعلي پير
    • ڪامل پير ڪير؟
    • بيعت جي تعريف ۽ ان جو مقصد
    • ڪامل مريد ڪير؟
    • ولي الله جي تعريف ۽ سڃاڻپ
    • اولياء الله جون نشانيون
    • عورتن کان بيعت جي ڪيفيت
    • عورتن سان بيعت وٺڻ جو شرعي حڪم
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami