• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • خواجہ غریب نواز arrow icon
    • page 12
    book-logo
    book_icon
    خواجہ غریب نواز
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    مريدي آهي، دِين جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪرائڻ پيري مريدي آهي۔ قرآن و سنت جي تعليم تي عمل پيرا هئڻ پيري مريدي آهي، حُسْنِ اخلاق جو پيڪر بڻجڻ ۽ پنهنجي واسطيدارن کي بنائڻ پيري مريدي آهي، دِين جي سربلندي جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهڻ پيري مريدي آهي۔ گناهن کان بچڻ ۽ ٻين کي بچڻ جو ذهن ڏيڻ پيري مريدي آهي۔ سُنّت سان گڏ مُسْتَحَبَّات تي پابندي سان عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو نالو پيري مريدي آهي۔ گفتگو جو خلاصو اهو آهي ته پيري مريدي دِين کان دُوري ۽ شريعت کان پاسو ڪرڻ جو نالو نه آهي بلڪه پيري مريدي دِين تي هلڻ ۽ شريعت جي اتباع جو نالو آهي۔ اي ڪاش جو اسان هن کي سمجھڻ وارا بڻجي وڃون۔

    اگر جینے کی خواہش ہے تو کچھ پہچان پیدا کر                                      خضر کے بھیس میں یہاں راہزن بھی پھرتے ہیں

    صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

    ڪامل پير ڪير؟

    پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته ڪنهن کي پنهنجو پير بنائڻ جي لاءِ 4 شرطن جو لحاظ انتهائي ضروري آهي۔ جيئن سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت امام احمد رضاخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پير جا شرط ٻڌائيندي لکن ٿا ته ٭ صحيحُ العقيده سُنّي هجي ٭ عالِم هجي يعني ايترو علم رکندو هجي جو پنهنجي ضروريات جا مسئلا ڪتابن مان ڪڍي سگھي ٭ فاسقِ مُعلِن نه هجي يعني اعلانيه گناھ نه ڪندو هجي۔ ٭ ان جو بيعت وارو سلسلو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تائين مليل هجي۔

    (فتاويٰ رضويه، 21/491)

    امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُرشِدِ ڪامل جي لاءِ ڪجھ شرطن ۽ وصفن جي وَضاحت ڪندي فرمائن ٿا: رسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نائب جنهن کي مرشِد بڻايو وڃي، ان جي لاءِ هي شَرط آهي ته اهو عالِم هجي۔ پر هر عالِم به مُرشِدِ ڪامل نٿو ٿي سگھي۔ ان ڪم جي لائق اهو ئي شخص ٿي سگھي ٿو جنهن ۾ اهي ڪجھ خاص وصف موجود هجن:

    ٭ جيڪو دُنيا جي مَحَبَّت ۽ دُنياوي عزَّت و مرتبي جي چاهت کان مُنهن موڙي چُڪو هجي۔ ٭ اهڙي ڪامل مرشِد کان بيعَت ڪري چڪو هجي جنهن جو سلسلو حُضُور عَلَيه السَّلام تائين پهچندو هجي۔ ٭ حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن تي عمل ڪرڻ وارو هجي ٭ اهو شخص گھٽ کاڌو کائيندو هجي۔ ٭ گھٽ ننڊ ڪندو هجي۔ ٭ گھڻيون نمازون پڙھندو هجي۔ ٭ گھڻا روزا رکندو هجي۔ ٭ ان جي طَبيعت ۾ تمام چڱا اَخلاق مثال طور صَبرو شڪر، تَوَڪل و قَناعَت، اَمانت و صَداقت، اِنڪساري و فرمانبرداري ان جي سيرت ۽ ڪردار جو حصو هجن۔ ٭ ان شخص نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَنوار مان اهڙو نُور ۽ روشني حاصل ڪئي هجي جنهن سان تمام بُريون خَصلتون مثال بخل و حَسَد، ڪينو ۽ ساڙ، دُنيا کان وڏيون اُميدون رکڻ، ڪاوڙ ۽ سَرڪشي وغيره ان روشني ۾ ختم ٿي وئي هجن۔ (مجموعۃ رسائل الامام الغزالي، ايھا الولد ، ۲۶۳)

    پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي مُرشد جي پيروي ڪرڻ ئي صحيح طَريقت آهي پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا ته اهڙا پِير ڏاڍي مُشڪل سان ملندا آهن۔ جيڪڏهن اها دولت ڪنهن کي نصيب ٿي جو اهڙو ڪامل مرشِد ملي ويو ۽ اهو مرشِد ان کي پنهنجي مريدن ۾ شامل به ڪري وٺي ته ان مُريد جي لاءِ لازِم آهي ته اهو پنهنجي مُرشِد جو ظاهري ۽ باطني اَدَب ڪري۔

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • خواجه غريب نواز
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائون
    • خواجه غريب نواز جو مختصر تعارف
    • پير و مرشد جي تلاش ۽ خدمت
    • خدمتِ مرشِدِ جو انعام
    • مُرشدِ ڪامل جي مزار جو به ادب
    • خدمتِ مرشد جا فائدا
    • قُطبُ الدّين بختيار ڪاڪي ۽ پير جي خدمت
    • خواجه شمس الدين سيالوي ۽ پير جي خدمت
    • بايزيد بسطامي ۽ خدمت مرشد
    • اعلي حضرت ۽ خدمتِ مرشد
    • لعل شهباز قلندر ۽ پير و مرشد
    • مجدد الف ثاني ۽ پيرو مرشد
    • امامِ اعظم ۽ خدمتِ مرشد
    • ڇا پير جو حق ادا ٿي سگھي ٿو؟
    • پير و مرشد ضروري ڇو؟؟؟
    • ڪير ڪنهن جو مريد ؟؟؟
    • اڄڪلھ جا جعلي پير
    • ڪامل پير ڪير؟
    • بيعت جي تعريف ۽ ان جو مقصد
    • ڪامل مريد ڪير؟
    • ولي الله جي تعريف ۽ سڃاڻپ
    • اولياء الله جون نشانيون
    • عورتن کان بيعت جي ڪيفيت
    • عورتن سان بيعت وٺڻ جو شرعي حڪم
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami