• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • خواجہ غریب نواز arrow icon
    • page 11
    book-logo
    book_icon
    خواجہ غریب نواز
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    الدين بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ بهاءُ الدّين زڪريا ملتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، شهاب الدين عمر سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، خواجه محمد بن حسن جنيدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت سَرِي سَقَطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ حضرت سَرِي سَقَطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت معروف ڪرْخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ حضرت داؤد طائي، حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ حضرت مجدّدِاَلف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت خواجه محمد باقي باالله نقشبندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ محدثِ اعظم پاڪستان محمد سرداراحمد قادِري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه،حضرت خواجه شاه سراج الحق چشتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ حضرت بابا بُلي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت علامه عنايت قادري شَطّاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت نجم الدين ڪبريٰ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ علامه عبدالحڪيم شرف قادري صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، ابُو البرڪات سيد احمد صاحب قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا ٭ لعل شهباز قلندر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه، شيخ ابواسحاق سيد ابراهيم قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد هئا۔

       پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته پيري مُريدي جو اهو مقدّس سلسلو شروع کان هلندو پيو اچي هاڻي جو ناهي ۽ ياد رهي ته ڪنهن کي پير ان ڪري بڻايو ويندو آهي ته جيئن اُمورِ آخِرت ۾ بهتري اچي۔ ان جي رهنمائي ۽ باطني توجُّه جي بَرَڪت سان مُريدَ الله ڪريم ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضي وارن ڪمن کان بچندي نيڪ ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري سگھن۔ پر اَفسوس! موجوده زماني ۾ ڪجھ ماڻهن پيري مُريدي جهڙي اَهم مَنصَب کي حُصُولِ دُنيا جو ذَرِيعو بڻائي رکيو آهي۔ بيشُمار بدعَقيده ۽ گمراھ ماڻهو به تَصَوُّف جو ظاهري لباس پائي ماڻهن جي دِين ۽ اِيمان کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ انهن غَلَط ماڻهن کي بُنياد بڻائي پيري مُريدي جا مُخالف هن پاڪيزه رِشتي کان ماڻهن کي متنفر ڪري رهيا آهن۔ اڄوڪي دور ۾ ڪامل پير ۽ جعلي پير ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو مُشڪل ٿي ويو آهي۔

    اڄڪلھ جا جعلي پير

       اڄوڪي دور ۾ پيري مُريدي کي هڪ عجيب رنگ ڏنو ويو آهي، اڄڪلھ شريعت جي خلاف ورزين ۾ مبتلا ڪي ماڻهو پيري مُريدي ۽ طريقت جي اوٽ وٺي سادڙي عوام کي بيوقوف بنائي رهيا آهن۔ اڄڪلھ گناهن جو کلي عام اِرتِڪاب ڪرڻ وارا ڪجھ ماڻهو طريقت جي آڙ وٺي عوام کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، اڄڪلھ گناهن جي انبار ۾ غرق ٿيڻ وارا ڪجھ ماڻهو پنهنجي باطل خيال ۾ ولي بڻجي پنهنجو جانائز ڪاروبار ڪري رهيا آهن۔

              ياد رکو! نمازون ڇڏڻ جو نالو پيري مُريدي نه آهي۔ نامحرم عورتن جي جھُرمٽ ۾ رهڻ پيري مريدي نه آهي۔ اجنبي عورتن کان زورَ ڏيارڻ پيري مريدي نه آهي۔ منشيات جي نشي ۾ ٻڏي تصوف ۽ طريقت جي رَٽ لڳائڻ پيري مريدي نه آهي۔ وارن کي ڪلهن تائين وڌائي انهن جي چُوٽي ٻڌڻ پيري مريدي نه آهي۔ شيطاني عمليات جي نالي تي ماڻهن جا کيسا خالي ڪرائڻ پيري مريدي نه آهي۔ نچڻ گائڻ ۽ رقص جي محفلن ۾ شرڪت جو نالو پيري مريدي نه آهي۔ مطلب ته! شريعت جي خلاف ورزيون ڪرڻ پيري مريدي نه آهي۔ بلڪه شريعت جي اِتّباع جو درس ڏيڻ پيري

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • خواجه غريب نواز
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائون
    • خواجه غريب نواز جو مختصر تعارف
    • پير و مرشد جي تلاش ۽ خدمت
    • خدمتِ مرشِدِ جو انعام
    • مُرشدِ ڪامل جي مزار جو به ادب
    • خدمتِ مرشد جا فائدا
    • قُطبُ الدّين بختيار ڪاڪي ۽ پير جي خدمت
    • خواجه شمس الدين سيالوي ۽ پير جي خدمت
    • بايزيد بسطامي ۽ خدمت مرشد
    • اعلي حضرت ۽ خدمتِ مرشد
    • لعل شهباز قلندر ۽ پير و مرشد
    • مجدد الف ثاني ۽ پيرو مرشد
    • امامِ اعظم ۽ خدمتِ مرشد
    • ڇا پير جو حق ادا ٿي سگھي ٿو؟
    • پير و مرشد ضروري ڇو؟؟؟
    • ڪير ڪنهن جو مريد ؟؟؟
    • اڄڪلھ جا جعلي پير
    • ڪامل پير ڪير؟
    • بيعت جي تعريف ۽ ان جو مقصد
    • ڪامل مريد ڪير؟
    • ولي الله جي تعريف ۽ سڃاڻپ
    • اولياء الله جون نشانيون
    • عورتن کان بيعت جي ڪيفيت
    • عورتن سان بيعت وٺڻ جو شرعي حڪم
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami