• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ arrow icon
    • page 7
    book-logo
    book_icon
    ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    هو ۽ اڃان تائين افطار ناهي ڪيو ۽ نه ئي مون وٽ ڪجھ آهي جنهن سان روزو افطار ڪيان۔ رحمتِ عالم، نُورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پنهنجي گھر وٺي ويا ۽ هڪ پيالو گھرايو جنهن ۾ کاڌي جو ڪجھ اثر باقي هو۔ مون کي ائين لڳو جيئن هن مان ڪنهن جَو کاڌا هجن۔ پيالي جي ڪنارن تي ڪجھ کاڌو باقي بچيل رهجي ويو هو جيڪو تمام گھٽ هو۔ مون بِسْمِ الله پڙھي ان کي گڏ ڪيو ۽ کائي ورتو ايستائين جو مان سير ٿي ويس۔ (اللّٰه والوں کی باتيں،۱/۶۴۲ملخصا)

    اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت

              پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اصحابِ صُفّه ته ايتري مشقت سان علم دين حاصل ڪندا هئا، ڇا اسان آسانين جي باوجود به گھٽ ۾ گھٽ ضروري فرض علم حاصل ڪريون ٿيون؟ اصحابِ صُفّه ڪيتريون پريشانيون سهندا هئا، بظاهر اهي گھڻا غريب هئا، اهي گھڻا نادار هئا، نه انهن کي ڪجھ کائڻ لاءِ ٺيڪ طرح ملندو هو نه ئي پيئڻ لاءِ، پر انهن کي اهو شرف ضرور حاصل هو جو اهي اصحابِ صُفّه رسولِ ڪريم، رؤفٌ رّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا گھڻا مُقَرَّب هئا، آقا ڪريم عَلَيه السَّلَام انهن سان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ اسان جي مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ جڏهن ڪو تحفو، صدقو يا مالِ غنيمت ايندو هو ته پاڻ ان مان اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪندا هئا۔ حديثن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻين اصحابن کي ترغيب ڏياريندا هئا ته اهي اصحابِ صُفّه کي کاڌو کارائن ۽ انهن تي خرچ ڪن۔ انهن مان ڪن جي خرچ جا ڪفيل خود آقا ڪريم عَلَيه السَّلَام هئا۔ (مرآة المناجيح، ۷/۳۵)

              پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته اصحاب صفه کي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خاص قرب حاصل هو پاڻ انهن تي شفقتن جي ڪثرت ڪندا هئا اهڙي طرح پيارا صحابهءِ ڪرام رِضْوَانُ الله عَلَيھِم اَجْمَعِين به اصحابِ صُفَّه جو خاص خيال رکندا هئا ۽ انهن جي حاجتن کي پورو ڪندا هئا، اچو ان جي هڪ جھلڪ ملاحظه فرمايو: جيئن اهي ستر صحابي سڳورا (عَلَيهمُ الرِّضْوَان) جيڪي بهترين قاري به هئا انهن جي باري ۾ اچي ٿو ته اهي ڏينهن جو ڪاٺيون گڏ ڪري وڪڻندا هئا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان خير خواهي ۽ ڀائپي جي جذبي تحت اصحابِ صُفّه (علم دين حاصل ڪرڻ وران شاگردن) جي لاءِ کاڌو تيار ڪرائي انهن کي کارائيندا هئا ۽ رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔ (مرآة المناجيح،۲/۲۸۴)

    آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اصحابِ صُفّه علمِ دين سکندا هئا ان ڪري پيارا آقا، مٺا مٺا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود به انهن تي خرچ ڪندا هئا ۽ ٻين کي ترغيب به ارشاد فرمائيندا هئا۔ ۽ ائين ناهي ته آقا ڪريم عَلَيه السَّلَامصرف اصحابِ صُفّه تي ئي خرچ ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال ته دين جي لاءِ وقف هو۔ جيترو به مال سندن خدمت ۾ ايندو هو، پاڻ راھ خدا ۾ خرچ ڪندا هئا۔

    حضرت سَيدُنا ابُوذَر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏ هيس. جڏهن پاڻ سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن اِهو جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“۔

    (بخاري ،ڪتاب في الاستقراض… الخ،باب اداء الديون، ۲/ ۱۰۵، حديث:۲۳۸۸)

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو
    • والدين جي لاءِ نصيحت
    • تسبيحِ فاطمه
    • ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون
    • اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟
    • اصحابِ صُفّه جا فاقه
    • سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر
    • اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت
    • آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • حضرت عثمانِ غني جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • امامِ اعظم علم به عطا ڪيو ۽ مال به !
    • امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون
    • اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ جو انداز
    • اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟
    • امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه
    • جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت
    • ديني و اخلاقي تربيت
    • والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه
    • هلڻ جون سُنتون ۽ آداب
    • ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami