• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ arrow icon
    • page 5
    book-logo
    book_icon
    ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    ڏنل ڪنگڻ اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪري ڇڏيا، الله جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هن مبارڪ عمل سان اسان کي اهو درس ڏنو ته ديني طالبِ علمن تي پنهنجو مال خرچ ڪرڻ گھرجي۔ آقا عَلَيه السَّلَام چاهين ها ته ان مال کي ڪنهن ٻي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم به ڏئي سگھيا ٿي پر پاڻ عَلَيه السَّلَام اصحابِ صُفه جيڪي دين جو علم سکڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، انهن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ هن مان خبر پئي ته اسان کي پنهنجو مال انهن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ گھرجي جن سان دين کي گھڻو فائدو ٿئي۔ پنهنجو مال ديني ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ سان گڏوگڏ جيترو وڌ ۾ وڌ ٿي سگھي ته اسان کي پنهنجو وقت به پيش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ مصطفيٰ سان مالامال ٿيڻ وارا صحابه ڪرام ۽ ٻين بزرگن سڳورن جا اهڙا سوين واقعا آهن جو جن جو مال ديني ڪمن ۾ وقف ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن جو وقت به دين جي سربلندي جي لاءِ گذرندو هو۔ الله پاڪ انهن عظيم هستين جي دينِ اسلام جي لاءِ ڏنل قربانين جي صدقي اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي جو اسان به پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ پيش ڪريون ۽ پنهنجو وقت به علمِ دين سکڻ سيکارڻ ۾ گذاريون۔

    ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ابتداءِ اسلام جو دور گھڻو ئي مشڪل دَور هو۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي دِين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ اهڙين اهڙين پريشانين ۽ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو جو جن جو تصور به ڏڪائي ڇڏي ٿو۔ بک، اڃ، بي وسي، مسافري، پنهنجن جون بي وفائيون، غيرن جون دشمنيون، گھر ٻار کان دوري، ڪيئي ڪيئي ڏينهن بک اڃ ۾ گذري ويندا هئا! مطلب ته! ڪيئي مشڪلاتون هيون، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هر آزمائش جو ڄمي مقابلو به ڪيو ۽ مديني جي تاجدار، سڄي ڪائنات جي مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي به نه ڇڏيائون۔ دِين سکڻ، دين جي خدمت ۽ دِين جي تبليغ ڪرڻ کي نه ڇڏيائون۔

    اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟

          اهي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جيڪي حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي خدمت ۾ صرف دِين سکڻ جي لاءِ حاضر رهندا هئا۔ انهن کي اصحابِ صُفّه چيو ويندو آهي۔ انهن جو شان ته بي مثل ۽ بي مثال آهي۔

          اصحابِ صُفّه ڪير هئا؟ هنن جي باري ۾ به ٻڌي وٺو ته مَسجِدِ نبوي شريف ۾ هڪ چبوترو هو، جتي(مختلف اَوقات ۾) اٽڪل چار پنج سؤ فقراءِ مهاجرين ويهندا هئا۔  انهن کي اصحابِ صُفّه چوندا آهن۔ انهن وٽ نه گهر هو نه دُنياوي ساز و سامان ۽ نه ئي ڪو ڪاروبار۔ غُربت جو عالم اِهو  هو جو اِنهن مان 70 وٽ ته اَوگَهڙ ڍڪڻ جي لاءِ پورو ڪپڙو به نه هو۔ انهن جي تعداد ۾   گهٽ وڌائِي ٿيندي رهندي هئي۔ مديني شريف ۾ اچڻ واري جو ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو نه هوندو هو ته اهو به صُفّه وارن ۾ شامل ٿي ويندو هو۔ ‫(تفسير نعيمي،۳/۱۳۲مفهوما)

    اصحابِ صُفّه جا فاقه

    صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي هيءَ اها مقدس جماعت آهي جيڪي پنهنجا گھر ٻار، اهل و عيال ۽ فڪرِ روزگار کان بي نياز ٿي صرف ۽ صرف دِين سکڻ جي لاءِ مسجدِ نبوي ۾ ئي رهندا هئا۔ اهي

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو
    • والدين جي لاءِ نصيحت
    • تسبيحِ فاطمه
    • ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون
    • اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟
    • اصحابِ صُفّه جا فاقه
    • سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر
    • اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت
    • آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • حضرت عثمانِ غني جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • امامِ اعظم علم به عطا ڪيو ۽ مال به !
    • امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون
    • اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ جو انداز
    • اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟
    • امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه
    • جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت
    • ديني و اخلاقي تربيت
    • والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه
    • هلڻ جون سُنتون ۽ آداب
    • ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami