• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ arrow icon
    • page 4
    book-logo
    book_icon
    ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    پهريان ۽ شادي کان بعد به نيڪ سيرت عورت بڻجي پنهنجي ٻارن جي ديني اعتبار سان تربيت ڪن۔ ڇوته عورت کان ئي هڪ چڱو گھراڻو ۽ خاندان بڻجندو آهي۔ پوءِ انهن جي پنهنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪرڻ سان هڪ بهترين ۽ نيڪ معاشرو بڻجندو آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ڀيڻ ڌيءُ جي تربيت دين جي مطابق ڪريون۔ اهو به معلوم ٿيو ته جتي والدين جي سعادت مندي اها آهي ته اهي نياڻيءَ جي چڱي تربيت ڪن اتي نياڻيءَ جي سعادت مندي اها آهي ته اها والدين جي جائز خوشين جو لحاظ رکي۔ انهن جي خدمت ڪري، انهن جي مزاج کان واقف ٿئي، پوڙهائپ ۾ خاص ڪري انهن جي سٺي طرح خدمت ڪري۔ پنهنجي خوشين تي والدين جي جائز خوشين کي ترجيح ڏئي۔ مطلب ته انهن جي خدمت ۾ ڪا ڪمي نه ڪري۔ جيئن خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها سعادت مند ڌيءُ هيون۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سعادت مندي جي ڪري ئي اسان تي ڪرم ٿيو جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاتونِ جنت کي هڪ تسبيح عطا فرمائي جنهن کي تسبيحِ فاطمه چيو ويندو آهي۔

    تسبيحِ فاطمه

    امير المؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ڪجھ قيدي آندا ويا ته مون حضرتِ فاطمه کي چيو ته تون پنهنجي بابا سائين، حضور رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪو غلام وٺي اچ ته جيئن اهو ڪم ڪار ۾ تنهنجو هٿ ونڊائي سگھي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها شام جي وقت حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيون ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇا ڪئي: ڌيءُ ڇا ڳالھ آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها صرف ايترو عرض ڪيو ته سلام جي لاءِ حاضر ٿي آهيان۔ حياء جي سبب وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيون۔ جڏهن گھر موٽيون ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم پڇا ڪئي: ڇا ٿيو؟ چيائين: مان حياءُ جي ڪري وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيس۔ ٻي رات وري حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم خاتونِ جنت، حضرت فاطمة الزّهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها کي نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ گھر جي ڪم ڪار ۾ سهولت جي لاءِ هڪ غلام گھرڻ لاءِ موڪليو پر پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها هن ڀيري به حياءُ جي سبب سوال نه ڪري سگھيون۔ (حضرت علي المرتضٰيکرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم وڌيڪ فرمائن ٿا ته) جڏهن ٽئين شام آئي ته اسان ٻئي حضور نبي اَڪرم، نُورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچڻ جو سبب پڇيو ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يا رسول الله! اسان کي ڪم ۾ دشواري ٿيندي آهي تنهنڪري اسان چاهيو ته اوهان کان ڪو غلام گھرون۔ حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙو ڪم نه ٻڌايان جيڪو توهان جي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان بهتر آهي؟ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم عرض ڪيو: جي ها! يا رسولَ الله! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: صبح شام 33 ڀيرا سُبْحَانَ الله، 33 ڀيرا اَلحَمْدُلله ۽ 34 ڀيرا اَلله اَڪبَر چئو، صبح ۽ شام هزار نيڪيون ملنديون۔ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: هن کان پوءِ مون انهن تسبيحات کي پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ورتو وري ڪڏهن هن عمل کي نه ڇڏيو، ايستائين جو صفين جي جنگ واري رات ۾ ان کي پڙهڻ وسري ويو هو پوءِ مون کي آخر ياد اچي ويو ته مون پڙھي ورتو۔

    (سنن ڪبري للنسائي،ڪتاب عمل اليوم والليلة،باب ثواب ذلڪ،۶/۲۰۴،حديث: ۱۰۶۵۲)

              پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ٻڌو ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي طرفان

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو
    • والدين جي لاءِ نصيحت
    • تسبيحِ فاطمه
    • ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون
    • اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟
    • اصحابِ صُفّه جا فاقه
    • سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر
    • اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت
    • آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • حضرت عثمانِ غني جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • امامِ اعظم علم به عطا ڪيو ۽ مال به !
    • امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون
    • اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ جو انداز
    • اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟
    • امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه
    • جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت
    • ديني و اخلاقي تربيت
    • والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه
    • هلڻ جون سُنتون ۽ آداب
    • ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami