• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ arrow icon
    • page 11
    book-logo
    book_icon
    ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    اسلام بڻيا۔ بلڪ سندن جي فيضِ نظر ۽ پُراثر تعليم سان ڪيئي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي ۽ مجتهد پيدا ٿيا۔ سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته حضرت قاضي امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اهو رتبو ۽ مقام ان ڪري مليو جو حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهن جي ڪفالت به ڪئي ۽ انهن کي پڙھايو به۔ پوءِ حضرت قاضي امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام شافعي جا استاد آهن۔ حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تعليم ڏني۔ حضرت امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اڳتي ڪيئي شاگرد پيدا ڪيا ۽ اهڙي طرح پوءِ اڳتي اهو سلسلو وڌندو ويو ۽ اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ اِنْ شَآءَ الله قيامت تائين جاري ۽ ساري رهندو۔ سوچيو وڃي ته اهو سڄو فيضان حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو آهي ۽ هن سڄي ثواب جا حق دار اهي به آهن ان ڪري جو انهن حضرت امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي علمِ دين جي روشني سان منور به فرمايو ۽ انهن تي پنهنجو مال به خرچ ڪيو۔

    اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ  ڪرڻ جو انداز

            پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪه به هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علمِ دين حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي خوب خرچ ڪري خوش ٿيندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شاگردن تي گھڻا شفيق ۽ ڪريم هئا، خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏينهن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سڀرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچرائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو الغرض جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچرائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا هئا۔ (سوانح اعلي حضرت،ص۱۴۶ملخصا)

            اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوت اسلامي به جامعات المدينه جي شاگردن جي لاءِ کاڌي جو بهترين اهتمام ڪندي آهي بلڪ شاگردن جي هر طرح جي سهوليات جو خيال رکيو ويندو آهي، تنهنڪري هن نيڪ ڪم ۾ به دعوت اسلامي سان ڀر پور تعاون فرمايو۔

    اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟

              پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ نصيحت جا ڪيئي مدني گل به آهن ۽ ڪيتري پياري انداز سان اسان جي رهنمائي به ڪئي پئي وڃي ته اسان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ ڪهڙي انداز سان خرچ ڪريون ته جيئن ثواب به ملي ۽ اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي به ٿئي۔

              ڪنهن جي عالمِ دِين بڻجڻ ۾ جيڪڏهن اسان جو مالي حصّو به شامل ٿي وڃي ته ان جا کوڙ سارا فائدا به آهن ۽ گھڻي دير تائين رهڻ وارا به آهن۔ بلڪ جيڪڏهن ان کي ثوابِ جاريه چيو وڃي ته به دُرست ٿيندو۔ غور ڪريو! بالفرض اسان جي ڏنل مال مان هڪ عالمِ دين بڻجي ويو ته ان جي عالم بڻجڻ جو ثواب اسان کي ملندو، اهي تيار ٿيڻ وارا عالم جنهن جنهن کي علمِ دِين سيکاريندا، پڙھائيندا، ان جو ثواب به اسان کي ملندو، جيڪو انهن کي ٻڌي عمل ڪندو، ان جو ثواب به اسان کي ملندو۔ اهو اڳتي جنهن جنهن کي ٻڌائيندو ان جو ثواب به اسان کي ملندو، اَلغَرَض! الله چاهيو ته پوءِ اسان جي لاءِ ثواب جو نه رڪڻ وارو سلسلو شروع ٿيندو۔

              معلوم ٿيو ته دين جي لاءِ عالم سڳورن تي خرچ ڪرڻ جو ثواب به تمام گھڻو آهي ۽ ان جا

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درود پاڪ جي فضيلت
    • ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو
    • والدين جي لاءِ نصيحت
    • تسبيحِ فاطمه
    • ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون
    • اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟
    • اصحابِ صُفّه جا فاقه
    • سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر
    • اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت
    • آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ
    • حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • حضرت عثمانِ غني جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • امامِ اعظم علم به عطا ڪيو ۽ مال به !
    • امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون
    • اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ جو انداز
    • اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟
    • امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ
    • دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه
    • جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت
    • ديني و اخلاقي تربيت
    • والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه
    • هلڻ جون سُنتون ۽ آداب
    • ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami