Share this link via
Personality Websites!
387869
5110
درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعرن کي بِلاناغه پڙھڻ شروع ڪيو۔ ان جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي ضرورت مطابق ويزائون ملي ويون۔
مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکِل کُشا کے واسِطے کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام ۾ مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ صَمَداني، عبدُ القادر جِيلانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه، الله پاڪ جا اهي اعليٰ ترين ولي آهن، جيڪي تمام اَولِياء جا سردار آهن ۽ اُنهن جي شَخصِيت عوام وخواص سڀني جي لاءِ عقيدت ۽ احترام لائق آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو تعلق اعليٰ ۽ عظيمُ الشَّان خاندان مان آهي، امير اهل سنت ڪيترو نه خوب فرمائن ٿا :
تھرتھراتے ہیں شہا جنّات تیرے نام سے ہے تِرا وہ دبدبہ یا غوثِ اعظم دَست گیر
اولیا کی گردنیں ہیں آپ کے زیرِ قدم یا امامَ الاولیا یا غوثِ اعظم دست گیر
(وسائلِ بخشش مرمم،ص ۵۴۷)
اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا:
٭ حضورغَوْثِ اعْظَمْ، شيخ سيد عبْدُالقادرجِيلانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان سن 470 هجري تي جيلان ۾ ٿي۔ (بهجۃ الاسرار، ص۱۸۱) ٭غوث الوريٰ سيد عبْدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو نالو مبارڪ عبدُالقادر ۽ ڪنيت ابُومحمد آهي۔ ٭ مُحِي الدِّين، مَحْبُوبِ سُبْحاني، غَوْثِ اعظم ۽ غَوثُ الثَقَلَين وغيره لقب آهن. ٭ شهنشاھ بغداد، سيد عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اهلِ بيت يعني سادات گھراڻي ۾ پيدا ٿيا۔ ٭ پير پيران سيد عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami