Share this link via
Personality Websites!
387868
5110
ڏيارينداسين۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقه“ به آهي۔ جنهن ۾ فجر نماز جي جماعت کان پوءِ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ڪيئي مسجدن ۾ روزانو ٽن آيتن جي تلاوت مع ترجَمو ڪنز الايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، (درسِ فيضانِ سُنَّت)، منظوم شجرهءِ قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔
٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقو قُرآنِ ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير سمجھڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل ٿي ويندو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان اِشراق و چاشت جا نفل پڙھڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ فجر کان پوءِ مَدَني حلقي ۾ بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،
هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم آهن۔ جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار (Business) آهي۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami