Share this link via
Personality Websites!
387865
5110
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور جڏهن ڪنهن کي بيان ڪرڻو هوندو آهي ته اهو پهريان ان جي تياري ڪندو آهي، ڪيئي ڪيئي ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهي، بيان جي هڪ ترتيب ۽ خاڪو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيندو آهي، بلڪ ڪڏهن ته مڪمل بيان يا ڪجھ ضروري نڪتا به لکي گڏ آڻيندو آهي ته جيئن بيان ڪرڻ ۾ آساني رهي، جيئن مثال جي طور مان اوهان جي اڳيان بيان ڪري رهيو آهيان ته مڪمل بيان هڪ ترتيب سان منهنجي سامهون موجود آهي پر قربان وڃجي! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي علمي شان و شوڪت ۽ سندن جي بي مثال ذهانت تي جو پاڻ انهن آيتن تي بيان فرمايو جيڪي قاري صاحب تلاوت ڪيون هيون ۽ انهن آيتن جي هڪ نه، ٻه نه، ٽي نه بلڪ چاليھ (40) تفسيرون ۽ هر هر قول جي قائل جو نالو به بيان فرمايو ۽ اهڙي علم وحڪمت سان ڀرپور تفسير بيان ڪيائون جو جن کي ٻڌي علامه عبدالرحمٰن ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جهڙا وقت جا تمام وڏا عالِم ۽ امام به حيران رهجي ويا۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ غوثِ اعظم! بيان ڪيل واقعي مان حضور غوث ِپاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي قرآنِ ڪريم سان والهانه محبت ظاهر ٿي رهي آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علم جو سمنڊ هئڻ جي باوجود قرآنِ ڪريم جا ڪيئي ڪيئي تفسير پڙهندا ۽ بيان ڪندا هئا۔ ڪثرت سان عبادت ۽ رِياضت ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پندرهن (15) سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا رهيا۔ (بهجة الاسرار، ذڪر فصول من ڪلامه… الخ، ص۱۱۸ ملخصاً )
هلندڙ زماني ۾ اسان غوث پاڪ جي محبت جي دعوٰي ڪندڙ پنهنجي حالت تي غور ڪريون ته ڇا اسان کي زباني نه بلڪه ڏسي ڪري دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ اچي ٿو؟ گھر ۾ گاڏي هجي ۽ گاڏي هلائڻ نه اچي ته ان جي لاءِ باقاعده ڊرائيونگ جو ڪورس ڪيو ويندو آهي۔ ڳريون فيسون ادا ڪيون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami