Share this link via
Personality Websites!
387864
5110
تفسيرن جو تعداد ٽيھ (30) تائين پهچي وئي۔ ۽ يارهين تفسير کان پوءِ هاڻي هر تفسير تي علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو جواب اهو ئي هوندو هو ته مان هن تفسير سان واقف نه آهيان۔ اها تفسير منهنجي علم ۾ نه آهي۔
(بهجۃ الاسرار،ذڪر علمه …الخ،ص ۲۲۴ بتغير)
مَظْہرِ عظمتِ غفّار ہیں غوثِ اعظم مُظْہِرِ رِفْعَتِ جبّار ہیں غوثِ اعظم
نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم
میرے مُرشِد مِری سرکار ہیں غوثِ اعظم میرے رہبر مرے غمخوار ہیں غوثِ اعظم
حشر کے روز ہماری بھی شفاعت کرنا آہ! ہم سخت گنہگار ہیں غوثِ اعظم
ٻنهي شعرن جي مختصر وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه الله پاڪ جي معاف ڪرڻ واري صفت جي عظمت ۽ غضب فرمائڻ واري صفت جي بلندي جا مظهر آهن۔ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جنابِ احمدِ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نائب ۽ سڀني ولين جا سردار آهن۔ منهنجي رهنمائي ڪرڻ وارا، منهنجا سرڪار، منهنجا پيشوا ۽ مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪرڻ وارا به غوثِ پاڪ آهن۔ افسوس! اسان نهايت گنهگار آهيون پر اي غوثِ اعظم! اوهان سان التجا آهي ته بروزِ محشر اسان جي به شفاعت ڪجو۔ اچو گڏجي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا نعرا لڳايون ٿا، هن سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه دل ۾ غوثِ پاڪ جي محبت به وڌندي:
اللّٰہ کی رحمت غوثِ پاک ہیں باعث ِ برکت غوثِ پاک
ہیں صاحبِ عزّت غوثِ پاک ہیں بحرِ سخاوت، غوثِ پاک
دریائے کرامت، غوثِ پاک فرماؤ حمایت غوثِ پاک
ٹل جائے مصیبت، غوثِ پاک سر تاپا شرافت غوثِ پاک
٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami