Share this link via
Personality Websites!
387863
5110
اچو! سڀ کان پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي علمي شان جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا:
حضرت حافظ ابُو العَبَّاس احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ هڪ دفعي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان جي اجتماع ۾ حاضر ٿيس، هڪ قاريءَ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، تلاوت کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وعظ جي شروعات ڪئي ۽ تلاوت ڪيل آياتِ مُبارَڪه مان هڪ آيت جي تفسير بيان ڪندي آيت جي هڪ معني بيان فرمائي، حضرت ابُوالعباس رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اوهان کي هن تفسير جو علم هو؟ انهن جواب ڏنو، ها! مون کي اهو تفسيري قول معلوم هو، ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت سڳوري جي ٻي تفسير بيان ڪئي، مون وري عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اها تفسير اوهان کي معلوم آهي؟ انهن جواب ڏنو، ها! وري انهيءَ آيت سڳوري جي ٽئين تفسير بيان ڪئي، مون وري عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي، ڇا اها تفسير اوهان کي معلوم آهي؟ انهن جواب ڏنو، ها! پوءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت سڳوري جي چوٿين پوءِ پنجين پوءِ ڇهين ايسيتائين جو ڏھ تفسيري قول بيان ڪيا، هر تفسير کان پوءِ علامه ابن جوزي کان پڇا ڪئي، اوهان کي اها تفسير معلوم آهي، هر ڀيري منهنجي پڇڻ تي علامه ابن جو جواب اهو ئي هو ته مون کي اهو تفسيري قول معلوم آهي، يارهين کان پوءِ حُضُورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيءَ آيتِ مُبارَڪه جي ٻارهين تفسير بيان فرمائي۔ مون علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان پڇا ڪئي: ڇا اوهان کي اها تفسير به معلوم آهي؟ ته هو نفي (يعني انڪار) ۾ مٿو لوڏيندي چوڻ لڳا: نه! اها تفسير منهنجي علم ۾ نه آهي۔ پوءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيءَ آيت جي تيرهين تفسير بيان فرمائي، پوءِ چوڏھين بيان فرمائي، پوءِ پندرهين پوءِ سورهين، پوءِ ان کان بعد ويھ )20) تفسير، وري پنجويھ )25) ايستائين جو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami