Share this link via
Personality Websites!
387881
5110
ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه“ جي مُطابِق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيڻ آهي۔ الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي تمام مجلس ۽ شعبن کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو !
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي بيعت بابت ڪجھ اهم مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا: ٭ دنيا ۾ ڪنهن صالح کي پنهنجو امام بنائڻ گھرجي، شَرِيعَت ۾ تقليد ڪري ۽ طريقت ۾ بَيعَت ڪري ته جيئن حَشر چڱن سان گڏ ٿئي۔ (آدابِ مرشد ڪامل،ص۱۳) ٭ ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن مرشِد ڪامل سان مُريد ٿيڻ به آهي۔ (آداب مرشد ڪامل،ص۱۲) ٭ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مُريد بڻجڻ ۾ ايمان جو تحفظ، مرڻ کان پهريان توبه جي توفيق، جهنم کان آزادي ۽ جنت ۾ داخلي جهڙا عظيم فائدا موجود آهن۔ (فڪر مدينه ،ص۱۶۱) ٭ پير اُمورِ آخِرت جي لاءِ بڻايو ويندو آهي ته جيئن ان جي رهنمائي ۽ باطني توجھ جي بَرَڪت سان مُريد الله ۽ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي وارن ڪمن کان بچندي رِضاءِ رَبُّ الانام جي مَدَني ڪم جي مطابق پنهنجا ڏينهن رات گذاري سگھي۔ (آدابِ مرشد ڪامل،ص۱۳) ٭ قاصد يا خط ذريعي مُريد ٿي سگھجي ٿو۔ (فتاوي رضويه ، ۲۶/۵۸۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami