Share this link via
Personality Websites!
387878
5110
مجھے تم ایسی دو ہمّت آقا، دُوں سب کو نیکی کی دعوت آقا
بنا دو مجھ کو بھی نیک خصلت، نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه زهد وتقوي، قناعت پسندي، پرهيزگاري ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ سان گڏوگڏ غَرِيبن، تنگدَستن ۽ حاجت مندن جي مدد ڪرڻ جهڙي وصف ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، غريبن، تنگدستن ۽ حاجت مندن جي خدمت ڪرڻ جو جَذبو به پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پاڪيزه ڪردار جو حِصّو هو، پاڻ ڪڏهن ڪنهن سوالي جو سُوَال رَدّ نه فرمائيندا هئا، ڪڏهن ڪنهن حاجت مند کي خالي واپس نه موٽائيندا هئا، بلڪ اهو فرمايو هئائون ته مون سمورن عملن جي تَفتِيش ڪئي، انهن ۾ کاڌو کارائڻ کان اَفضل ڪو عَمَل نه ڏٺو۔ ڪاش! منهنجي هٿ ۾ هجي هان ته بکايلن کي کاڌو کارايان هان۔ (قلائد الجواهر ،ص۳۷)
شَيخ عبدُالله جبائي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري حُضُورغو ثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي ارشاد فرمايو ته منهنجي ويجهو بکايلن کي کاڌو کارائڻ ۽ ماڻهن سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ ڪامل ۽ وڌيڪ فضيلت وارا عمل آهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: منهنجي هٿ ۾ پيسو ناهي رڪندو، جيڪڏهن صُبح جو مون وٽ هزار (1000) دينار اچن ته شام تائين انهن مان هڪ پيسو به نه بچندو جو غريبن ۽ مُحتاجن ۾ ورهائي ڇڏيان ۽ بکايل ماڻهن کي کاڌو کارائي ڇڏيان۔ (قلائدالجواهر ،ص۸ ملخصاً)
تِرے در سے ہے منگتوں کا گزارا یاشہِ بغداد یہ سُن کر میں نے بھی دامن پسارا یاشہِ بغداد
مِری قسمت کا چمکا دو ستارہ یاشہِ بغداد دِکھا دو اپنا چہرہ پیارا پیارا یاشہِ بغداد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami